اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره جي رٽرننگ آفيسر حاجره سميع کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهره جي ريٽرننگ آفيسر جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ذاڪر جدون کي اين اي 15 مانسهره جو نئون رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اين اي 15 مانسهره تي راجا گستاسب جي ڪاميابي کي نواز شريف چيلينج ڪيو آهي.