فريال ٽالپر کي سنڌ جي وزيراعليٰ ٿيڻ جو موقعو ملڻ گهرجي

تحرير: ڊاڪٽر موھن مالھي

تاريخ ۾ شاھديون موجود آھن ته ھڪ عورت  به راڄ ھلائي سگھي ٿي۔اھو راڄ گھر جو ھجي يا سلطنت جو ۔ھونئن به چوندا آھن ته ھر پيدا ٿيندڙ  ٻار جي تربيت ھن جي ماءُ ئي ڪندي آھي ۽ انھن ئي ٻارن مان ئي سلطنتن جا حڪمران ٿيندا آھن۔ توھان ڏٺو ھوندو ته اڪثر بادشاھ به پردي پويان صلاح مشورا پنھنجي گھر جي عورتن کان ئي ڪندا آھن،انھن ۾ ما زال ۽ ڀينرون به ھونديون آھن

دنيا جا ڪيترائي ملڪ آھن جتي عورتون حڪمراني ڪري رھيون آھن۔ ننڍي کنڊ ۾ به اڪثر عورتن جي حڪمراني رھي آھي،جنھن ۾ ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ پاڪستان شامل آھي۔جنھن ۾ خاص شھيد محترمه  بينظير ڀٽو به شامل آھي جنھن ھن ملڪ تي لڳاتار حڪمراني ڪئي۔

پاڪستان ۾ عورتن جي حڪمراني ڪرڻ ايڏي مشڪل نه آھي جيڏي ان کي مشڪل سمجهي ويندي آھي۔شھيد بينظير جڏھن ملڪ تي حڪمران ٿئي پئي تڏھن مذھب کي وچ ۾ آندو ويو،پر خير محترمه  پنھنجو وقت حڪمراني گذاري وئي پر اڄ به نه رڳو پاڪستان پر دنيا به هن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ٿي۔

اڄ اسان ھڪ دفعو وري پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو صوبو پنجاب جي حڪمراني جو ڪڻو محترمه  مريم نواز جي حصي ۾ آيو آھي۔ پنجاب ۾ نوازشريف وزير اعظم ٿيندو ھو ته شھباز شريف پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو ھو ۽ اھو اڪثر ٿيندو ھو،۽ ايئن ھينئر چاچو وزير اعظم ۽ ڀائيٽي پنجاب جي وڏي وزير۔سنڌ ۾ ايئن ڪرڻ نه رڳو مشڪل آھي پر ناممڪن آھي۔سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي اھڙا حالات پيدا ڪيان ويندا آھن ۔پنجاب جي وڏ وزارت مريم جي نالي ٿيڻ کان پوءِ ان ڳالھه جو فائدو وٺندي پ پ پ ۽ خاص ڪري آصف زرداري صاحب کي سنڌ جي وڏ وزارت سينئير سياستدان  محترمه  فريال ٽالپر کي ڏيڻ جو نه رڳو اعلان ڪري پر ھن کي نامزد پڻ ڪري۔

محترمه  فريال ٽالپر ھڪ پڙھيل لکيل مشھور سياسدان حاڪم علي زرداري جي ڌي آھي،آصف علي زرداري جي ڀيڻ ،اھو اھوئي آصف علي زرداري جنھن لاءِ  ڇا نه چيو ويو پر اڄ پاڪستان جي سياست جو اھم سياستدان آھي.محترمه  فريال بھترين  منتظم آھي چڱن ڀلن کان سٺي حڪمران ثابت ٿي سگھي ٿي، صرف ھن کي موقعو ملڻ گھرجي۔اڄ زرداري صاحب کي نه رڳو موقعو آھي ته هو پنھنجي ڀيڻ  کي حق حڪمراني ڏي  ۽ سنڌ ۾ ھڪ  تاريخ رقم ڪري۔

سنڌ ۾ اقتدار جي تبديلي ،پ پ پ جي لاءِ مثبت تبديلي ثابت ٿيندي ۽ اھو تاثر به ختم ٿي ويندو ته سنڌ ۾ مراد علي شاھ کان سوا به ليڊر شپ موجود آھي۔۽  پ پ پ ۾ نئين ليڊر شپ پيدا ٿيڻ جا موقعا ملندا۔سائين مراد علي شاھ کي به ھاڻ ٽيون ڀيرو نه اچڻ نه گھرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ۽ پ پ پ جو عوام به نوان چھرا ڏسڻ چاھي ٿو۔اھو حق پنجاب وانگر سنڌ کي به ملڻ گھرجي اھو به عورت حڪمران جي صورت ۾۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.