چونڊ نتيجا ڇو نه ٿا مڃيا وڃن؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

اٺين فيبروري 2024 ع تي ملڪ اندر عام چونڊون ٿي گذريون. سڄي ملڪ مان اطلاع ملي رهيا آهن ته، چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي آهي. اهي صاف ۽ شفاف ڪونه ٿيون آهن. چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ دخل اندازي گهڻي ڏسڻ ۾ آئي. ايتريون ته بي قاعدگيون ڪيون ويون. جن جو ملڪ جي تاريخ ۾ مثال ڪونه ٿو ملي. ڪو به هارايل اميدوار چونڊ نتيجا قبولڻ ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. خدشا  ظاهر ڪيا پيا وڃن ته، نتيجن ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ ڪو به اهڙو تڪ ڪونه آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ته هتي ڪا به ڌانڌلي نه ٿي آهي. چونڊ صاف سٿري ۽ شفاف ڪونه آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي چئجي ته فلاڻي علائقي ۾ چونڊون شفاف ڪرايون ويون آهن ته آئون سمجهان ٿو ته ، اها ڳالهه ڪير به ڪونه مڃيندو ۽ صاف انڪار ڪندو. موجوده اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪندو.

مجموعي صورتحال اها آهي ته، هر هارايل اميدوار چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين به صاف لفظن ۾ چيو آهي ته، چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ دخل اندازي وارن الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪجهه سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ ڏنو ويو. گڏ ٿيڻ جي آزادي کان محروم رکيو ويو. اظهار جي آزادي تي پابندي سٺو سنوڻ ناهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته عالمي قوتون به ڄاڻايل اليڪشن کي شڪ جي نظرن سان ڏسي رهيون آهن. ٻئي طرف آبزرويشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، اليڪشن ڪميشن کي اميدوارن جي نتيجن تي خدشا دور ڪرڻ گهرجن. عورت ووٽرن جو تعداد گهٽ رهيو. خابرو ادارن جو اهو به چوڻ آهي ته اليڪشن ڏينهن موبائل سروس بند ڪري ماڻهن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. عام ماڻهو پريشان ٿي ويو.

هاڻ ملڪي صورتحال تي اچون ٿا. اين اي 71 تان آزاد اميدوار ريحانا ڊار، ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي ڪاميابي کي عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ريحانا ڊار جو چوڻ آهي ته، خواجه آصف ملي ڀڳت ڪري فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو. جڏهن ته فارم 45 جا نتيجا ٻيا آهن. جيڪي هن وٽ موجود آهن. اين اي 119 تان مريم نواز جي ڪاميابي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي ويئي آهي. هن جي ڪاميابي خلاف آزاد اميدوار نالي شهزاد فاروق پاران درخواست داخل ڪئي ويئي آهي. شهزاد فاروق موقف اختيار ڪيو آهي ته پرزائيڊنگ آفيسرن فارم 45 ناهي ڏنو. رٽرننگ آفيسر جي غير موجودگي ۾ نتيجو ٺاهيو ويو. کٽي ويو هوس. پر، ڌانڌلي ڪري هارايو ويو. هن گهر ڪئي آهي ته مريم نواز جي ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏني وڃي. اين اي 126 تان سيف الملوڪ کوکر جي ڪاميابي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. اين اي 127 تان عطا تارڙ جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو آهي. اين اي 118 تان پنجاب جي اڳوڻي وزير اعليٰ حمزه شهباز جي ڪاميابي خلاف به درخواست دائر ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته ياسمين راشد، نواز شريف جي ڪاميابي خلاف آواز اٿاريو آهي. اين اي 130 لاهور تان نواز شريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو آهي. درخواست ۾ موقف اهو ڏيکاريو آهي ته نواز شريف 45 فارم موجب اليڪشن هارائي اٿس. نواز شريف ڳٺ جوڙ سان پاڻ کي فاتح قرار ڏنو.  عدالت کي گذارش ڪئي ويئي آهي ته، فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪيا وڃن. ڪوئيٽا ۾ پي بي 21 حب جي چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. مطلب پنجاب ۽ بلوچستان جي گهڻن تڻن تڪن جي ڪاميابي ماڻيندڙن جي نتيجن خلاف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.

اهڙي طرح سنڌ ۾ به، اليڪشن جا نتيجا، ڪير به قبولڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. هر نتيجي کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين جماعت اسلامي ڄاڻايل چونڊ نتيجن تي اعتراض واريا آهن. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي آڏو ڌرڻو هنيو اٿن. ان ڌرڻي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ همدردن شرڪت ڪئي آهي. ڌرڻي ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ جا فلڪ شگاف نعرا هنيا آهن. تقريرن ۾ اليڪشن ڪميشن کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو آهي. ڄاڻايل نتيجن جي خلاف جلد ئي لائحه عمل تيار ڪري جماعت اسلامي باقاعده ميدان ۾ لهندي ۽ تحريڪ هلائڻ جي امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي. ڪراچي جي تڪ اين اي 248 مان آزاد اميدوار ارسلان خالد عدالت ۾ درخواست ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته خالد مقبول صديقي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. جيڪو هارائي ويو آهي. جنهن جو فارم 47 معطل ڪري نتيجو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن اهڙي درخواست سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ڏني آهي.

حليم عادل شيخ چونڊ نتيجا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيا آهن. اها، درخواست وڪيل علي طاهر معرفت عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي. حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته ، فارم 45 موجب ايڪهتر هزارن کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. پر، فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪالعدم قرار ڏنا وڃن. عبدالباري پتافي جو چوڻ آهي ته، مخالفن بوگس ووٽن سان مون کي هارايو. پيپلز پارٽي جي اميدوارن منهنجي مخالفت ڪئي. يارو لنڊ پولنگ اسٽيشن تي سرعام ڌانڌلي ڪئي ويئي. مون کي پولنگ ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ڪونه ملي. جي ڊي اي اميدوار لياقت جتوئي نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته اها، اليڪشن نه پر ڌوکو هو. اسان کي احتجاج لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. جنهن جا ذميوار هو پاڻ هوندا. اياز لطيف پليجو چيو آهي ته، جعلي  اليڪشن ملڪ ۽ سنڌ تي حملو آهن. سنڌ کي وري ڪرپشن جي ڪالوني بنائي کنڊر ڪيو ويندو. بدحال هارين، مزدورن ۽ پورهيتن کي پيڙيو ويندو. هر، سنڌ دشمن منصوبي خلاف رستن تي اينداسين. هن وقت اسٽبلشمينٽ نه ٿي چاهي ته سنڌ جا حقيقي نمائندا ايوانن ۾ پهچن. بدين ۾ چونڊ ڌانڌلي خلاف جي ڊي اي طرفان ڊي سي چوڪ تي ذاوالفقار مرزا، فهميده مرزا، حسنين مرزا، احسان مرزا، امير آزاد پنهور ۽ مير عبدالله ٽالپر جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. سندن موقف آهي ته، سازش تحت مافيا کي عوام تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن خلاف آخري ساهه تائين خاموش نه ويهنداسون. پي ايس 49 پٿوري جي آزاد اميدوار نالي چنيسر آريسر چونڊ نتيجا رد ڪندي چيو آهي ته، سرڪاري مشينري جي مداخلت جي ڪري ڌانڌلي ڪرائي ويئي.

ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾، مظاهرن ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿيو آهي. مولانا راشد محمود سومرو اڳواڻ جمعيت العلماءِ اسلام (ف)، بلاول ڀٽو زرداري جي سامهون بيٺل هو ۽ هارائجي ويو. هن نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. في الحال سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هنيا پيا وڃن. اخباري اطلاع موجب، حيدرآباد گهوٽڪي، بدين، مٽياري، نوشهروفيروز، سجاول، دادو، لاڙڪاڻو، سڪرنڊ، ميرپور خاص، روهڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا آهن. اليڪشن نتيجن کي رد ڪيو ويو آهي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ جي ڊي اڳواڻ سيد زين شاهه چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اليڪشن ٽربيونيٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جي ڊي اي جا اڳواڻ به گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن ۽ نتيجن کي رد ڪري چڪا آهن. هاڻ ڏسجي ته اهي مستقبل لاءِ ڪهڙو پلان تيار ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ سندن غور ويچار هلندڙ آهي. ڏسجي ته هاڻ اهي ڪهڙو گس وٺن ٿا. هڪ طرف اها پوزيشن آهي ته ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي)  ۽ جماعت اسلامي چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هنن پارٽين جو اهو موقف آهي ته، ڌانڌلي جو لباس پائي پي ڊي ايم 2 کي ٻيهر عوام جي مٿان مڙهيو پيو وڃي. سورهن مهينن دوران عوام کي تباهي ۽ بدترين مهانگائي جي دلدل ۾ ڌڪيو ويو. عزت، نفس ۽ دستور قانون جي احترام کان هٽي ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جمهوريت تي کلي طريقي سان ڌاڙو هڻڻ ۾ مک سهولتڪار بڻيل آهي.

ملڪ جي ڪن ٿورن تڪن جي سواءِ، گهڻ تڻن چونڊ نتيجن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته، اليڪشن ۾ کلم کلا ڌانڌلي ڪئي ويئي. جنهن ڪري نتيجا رد ڪيا ويا آهن. ڪير به نتيجن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪون آهي. هن اليڪشن تي آئينده هميشه تنقيد ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن جي پت وائکي ٿي چڪي آهي. دنيا جا ملڪ به شڪ ۽ شبهن جو اظهار ڪري چڪا آهن اهي ۽ اليڪشن کي صاف ۽ شفاف سڏڻ کان انڪاري آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.