هي شرم جوڳو تماشو، ڪيستائين هلندو رهندو؟

تحرير: سجاد علي

جيتريون شيون تبديل ٿينديون، اوترو ئي ساڳيون رهنديون، اها سچائي پاڪستان جي سياست تي لاڳو ٿي سگهي ٿي، اها ساڳي پراڻي راند جيڪا اسان ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي، اها وري اسان جي سياسي اسٽيج تي کيڏي پئي وڃي، هڪ گيم جيڪا هر 5 سال ۾ اپڊيٽ ٿي اسان جي آڏو اچي رهي آهي جنهن ۾ ڪردارن جي مٽا سٽا ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته هڪ وزيراعظم ٿيندو آهي ته ان کي بدنام ڪيو ويندو آهي ۽ پسنديده طور تي وري واپس به ٿيندو  آهي. چونڊن ۾ صرف چند مهينا باقي هوندا آهي ته نتيجو لڳي ويندو آهي، اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو ويندو آهي.

حقيقت ۾ پاڪستان ۾ چونڊن کي ڪڏهن به مڪمل طور تي آزاد ۽ صاف طريقي سان نه ڪيو ويو آهي پر هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان سڄي جمهوري عمل جو مذاق اڏائي ڇڏيو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به صاف اليڪشن نه ٿيا، پاڪستان جمهوريت کي انتهائي شڪي بڻائي ٿو. هاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي شايد اهو ڪٿي ڪَنھن به ملڪ ۾ نه ٿيو آهي. جيل ۾ قيدي کي چونڊ عمل کان اڳ ئي روڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ يا ته جيل ۾ آهي يا وري پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. غائب ٿيڻ کان پوءِ انهن کي ٽي وي اسڪرينن اڳيان آڻيو ويندو آهي ته جيئن پارٽيءَ سان پنهنجو تعلق ختم ڪن.

اهو شرمناڪ تماشو گذريل ڪجهه عرصي کان هلي رهيو آهي، مقامي سطح تي پارٽي ڪارڪنن کي به نه بخشيو پيو وڃي، ٻئي طرف اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به هڪ ٻئي خلاف ڌانڌلي مهم شروع ڪئي وئي آهي. ميڊيا جي آزاديءَ جو ذرو به نه بچيو آهي، جيڪي پنهنجي مينڊيٽ کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن، جيڪي صرف چونڊن جي نگراني ۽ انهن جي شفاف ۽ آزاديءَ کي يقيني بڻائڻ تائين محدود آهن.

حقيقت ۾ انتظاميه هاڻي هڪ اوزار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، حيرت جي ڳالھه اها آهي ته هڪ پارٽي ماضي ۾ ٻئي مٿان الزام هنيا هاڻي اُنھن اسان ئي گڏ بيٺي آهي، ان پارٽيءَ سان اتحاد ڪيو. وري ٻئي طرف جيل ۾ هجڻ جي باوجود به عمران خان کي وڏي حمايت حاصل آهي، امڪاني رد عمل جو خوف شايد اهو ئي سبب رهيو آهي جو اسٽيبلشمينٽ گذريل ڪجهه هفتن ۾ پارٽين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري رهي آهي. پر ووٽن جي ڌانڌلي ڪرڻ ڏکيو ثابت ٿيو، شايد اهو ئي سبب آهي جو پارٽي ميمبرن تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. اهو سڀ ڪجهه جمهوري عمل لاءِ سٺو نه ٿو لڳي، هڪ تڪراري اليڪشن ملڪ ۾ وڌيڪ ماحول خراب ڪري سگهي ٿي جيڪو اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، غير شفاف، داغدار اليڪشن سان ملڪ کي سخت نقصان پهچندو، ملڪ اڃا تائين هڪ ٻيو انجنيئر سياسي نظام برداشت نٿو ڪري سگهي، ڏسجي ته جمهوريت پاڪسان ۾ بلڪل ناڪام ٿي آهي، جمهوريت اتي ڪامياب آهي جتي ماڻھن ۾ شعور آهي، ڀلي بري جي پرک آھي، پاڪستان ۾ ته عوام کي ووٽ ڏيڻ جي به آزادي ناهي، ڪٿي وڏيراجاگيردار جي ڌمڪي، ته ڪٿي ننگن کي نقصان پھچائڻ جو خوف ته ڪٿي رشوت جي لالچ گهيرو ڪيو آهي، هِتي جي عوام غلامي جي زندگي ۾ ايتري ته مست آهي جو اُنهن کي پنهنجي ٻارن جي مستقبل سان گڏ پنهنجا حق وٺڻ جي به  خبر ناهي، ڪروڙين بجيٽ جي جاءِ تي اسان جا سادا ماڻهو 5 هزار کي ترجيح پيا ڏيڻ، جيڪا قوم 5 هزار تي کپي وڃي ته اتي قوم جو نقصان ته ٿيندو ئي.

اهو سڀ ڪجهه جمهوري عمل لاءِ سٺو نه ٿو لڳي، هڪ تڪراري اليڪشن ملڪ ۾ وڌيڪ ماحول خراب ڪري سگهي ٿي جيڪو اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، غير شفاف، داغدار اليڪشن سان ملڪ کي سخت نقصان پهچندو، ملڪ اڃا تائين هڪ ٻيو انجنيئر سياسي نظام برداشت نٿو ڪري سگهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.