خوفناڪ عدم استحڪام جي شروعات

تحرير: رفيق پٽيل

ھاڻوڪي چونڊن  واري بندوبست ۽ ان جي نتيجن کانپوءِ واري صورتحال پاڪستان جي تاريخ  جو ھڪ نئون مظھر آھي.ھن کان اڳ ٿيل ڪنھن بھ چونڊن سان ھاڻوڪي چونڊن  جي ھڪجھڙائي نھ آھن،اڳ ۾ ٿيل ڪنھن بھ اليڪشن سان ھن جي ڀيٽ ڪرڻ بھ دانشمندي نھ آھي.حالت اھا ٿي چڪي آھي تھ دنيا جي ٻن انتھائي مشھور ھارورڊ ۽ مشي گن ۾  يونيورسٽين ۾ ان تي نصابي تحقيق (ڪيس اسٽڊي ) جي شروعات ڪئي پئي وڃي.جنھن ۾ امڪاني طور تي ان سموري عمل ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال جو باريڪ بيني سان جائزو ورتو ويندو،ان جو مرڪزي نقطو ھي پڻ آھي تھ جڏھن عمران خان جيل ۾ ھو، ان کي سزا بھ ٿي چڪي ھئي،ٻي قيادت بھ جيل ۾ ھئي،ھزارين ڪارڪن پڻ جيلن ۾ ھئا،ميڊيا ۾ بھ عمران خان جي نالي کڻڻ تي پابندي ھئي،چونڊ مھم جي اجازت بھ نھ ھئي،ان بعد اھو ڪئين ممڪن ٿيو تھ تحريڪ انصاف ايتري وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.ان کان علاوھ سڄي دنيا ۾ ميڊيا۾، انھن چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي  بابت  خوفناڪ تصوير پيش ڪئي پئي وڃي،جنھن جو ڪو مثال بھ نٿو ملي.تحريڪ انصاف جي چونڊ نشان ڦرڻ جو پڻ انھن رپورٽس ۾ خصوصي ذڪر آھي.

اھڙي طرح اليڪشن ڪميشن جي چوري کي بھ اھم جمھوري ملڪن خاص اولھه ۽ آمريڪا ۾ ڏوھ تصور ڪيو وڃي ٿو.پاڪستان جي ايندڙ حڪمرانن کي اليڪشن چور ۽ اليڪشن فراڊ جو تاج مٿي تي سجائڻ خود انھن جي پنھنجي ساک جي لاءِ نقصان ڪار آھي،ٿي سگھي ٿو تھ، تھ اھي  سڄي دنيا جي ميڊيا جي اثرن کان اکيون ٻوٽڻ سان پاڻ کي وقتي طور تي تسلي ڏئي رھيا ھجن،پر جنھن درجي جو طوفان عالمي ميڊيا تي جاري آھي،شايد ئي دنيا جي ڪنھن ملڪ جو اھڙي باريڪ بيني سان جائزو ورتو ويو ھوندو.جھڙي ريت پاڪستان جي چونڊن واري عمل جو ورتو پيو وڃي.

ھاڻي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان بھ پاڪستان تي دٻاءَ وڌي ويندو.ھارس ٽريڊنگ جا ذميدار پڻ عالمي ميڊيا جي  ھٿان اھڙي رسوائي کي منھن ڏيندا،جنھن جو ھنن تصور بھ نھ ڪيو ھوندو.ايئن لڳي ٿو تھ ڄڻ سڄي دنيا خوردبيني سان پاڪستان جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڏنو آھي.آمريڪا ۾ ڪجهھ پاڪستانين پنھنجي گاڏين تي (لو 804 ) جي نمبر جون پليٽون لڳائڻ شروع ڪري ڏنيون آھي.ايندڙ ڏينھن ۾ اھو سلسلو وڌيڪ وڌي سگھي ٿو.

13 فيبروري 2024 جي برطانيا جي اخبار دي گارجين جيڪا رپورٽ شايع ڪئي آھي. سا پاڪستان جي حڪمرانن جي بچيل سچيل ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي رھي آھي،ان رپورٽ جو مڪمل ترجمو پاڪستان جي سڌ سماءَ جي صورتحال سبب تھ شايع نٿو ڪري سگھجي،ان جا ڪجهھ اھم حصا ھن طرح آھن، ان جو عنوان آھي ( موجودھ چونڊ ھنگاما پاڪستان تي ھڪ ڪمزور ۽ غيرمقبول حڪومت جو سبب بڻيا آھن )ان جي ذيلي سرخي آھي ( نوازشريف جي جماعت حڪومت بڻائيندي پر جيل ۾ بند عمران خان جي مقبوليت جي پيش نظر اھا گھڻي دير قائم رھي نھ سگھندي)رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ”چونڊن واري ڏينھن  ٽپھري جو ڪجهھ اھم ذريعن کان ھي رپورٽ مقتدر حلقن کي ملڻ شروع ٿي چڪي ھئي تھ، زميني صورتحال منصوبي جي مطابق نھ پئي وڃي، انھن اطلاعن بعد ووٽ وجھندڙن جي عمل کي سست ڪيو ويو،موبائيل سروس سيڪيورٽي جي نالي تي معطل ڪئي وئي،پر ان جو اصل مقصد ووٽ ڏيندڙن خاص ڪري عمران خان جي حامين کي پولنگ اسٽيشنن کان پري رکڻ ھو،پر اھا حڪمت عملي بھ ناڪام ٿي وئي.عمران خان جي حامين سمورين اٽڪلن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ اڪثر سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي،پي ٽي آءِ جا ورٽرز گھرن مان نڪتا پر مسلم ليگ ن جا ووٽرز نھ آيا،ابتدائي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ، وڏي پئماني کٽي رھي ھئي،تڏھن اندازو ٿيو تھ معاملا ھٿن مان نڪري رھيا آھن،ان بعد ڊگھو تعطل پئدا ٿيو،ان موقعي تي برطانيا جي پرڏيھي وزارت نتيجن ۾ دير ۽ ڌانڌلي جي رپورٽن تي ڳڻتي ظاھر  ڪئي ”رپورٽ ۾ اھم اداري کي ڪجھھ معاملن ۾ ذميدار قرار ڏنو ويو آھي،رپورٽ جي آخري حصي ۾ پاڪستاني يونيورسٽي جي ھڪ پروفيسر جو تبصرو بھ شامل ڪيو ويو آھي.تھ نئين حڪومت وٽ نھ تھ ڪو معاشي منصوبو آھي ۽ نھ ئي اھا چونڊيل حڪومت سڏي ويندي،نھ ئي وري اھا گھڻو عرصو قائم رھي سگھندي.

ھڪڙي ھندستاني چينل معيشت کي انتھائي شديد بحران ۾ مبتلا قرار ڏيندي پاڪستان بابت ھڪ اھم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو ذڪر ڪيو ،جنھن موجب پاڪستان جي وڏن سرمائيدارن ۽ واپارين پنھنجو ڪاروبار ۽ سرمايو ٻاھرن ملڪ منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي.ھڪ ٻي آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ”ڪھڙي ريت پاڪستان جي نوجوانن جي اڪثريت انٽرنيٽ جي استعمال سان ھن چونڊ مھم ۾ شامل ٿي ڪري راوئتي سياست کي شڪست ڏئي ڇڏي،نوجوانن ۾ معيشت جي تباھي سان بھ مايوسي پکڙيل آھي،جڏھن تھ اھي ملڪ ۾ ٻن خاندانن جي حاڪميت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن“ انھن رپورٽن کانسواءِ سڄي ملڪ جي عوام ۾ ڌانڌلين جي ڪري شديد بي چيني ۽ ڪاوڙ آھي.ان ڪيفيت جو اندازوڪندي ملڪ جي مخلتف ننڍين وڏين سياسي جماعتن ۽ گروپن جو احتجاج  آھي.

ھاڻي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان بھ پاڪستان تي دٻاءَ وڌي ويندو.ھارس ٽريڊنگ جا ذميدار پڻ عالمي ميڊيا جي  ھٿان اھڙي رسوائي کي منھن ڏيندا،جنھن جو ھنن تصور بھ نھ ڪيو ھوندو.ايئن لڳي ٿو تھ ڄڻ سڄي دنيا خوردبيني سان پاڪستان جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڏنو آھي.آمريڪا ۾ ڪجهھ پاڪستانين پنھنجي گاڏين تي (لو 804 ) جي نمبر جون پليٽون لڳائڻ شروع ڪري ڏنيون آھي.ايندڙ ڏينھن ۾ اھو سلسلو وڌيڪ وڌي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.