پاڪستان کي بدنام ڪندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان 11 ملڪن دهشتگردي ۽ سنگين ڏوهن جي جوابدارن خلاف قانوني مدد فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 11 ملڪن سان گڏيل بنيادن تي امداد ڏيڻ ۽ وصول ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۾ ملوث پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن خلاف به ان ئي بنياد تي ڪارروائي ڪئي ويندي، آمريڪا، برطانيا ۽ روس کي گهربل پاڪستاني جوابدارن خلاف قانوني سهڪار جي منظوري ڏني وئي آهي.

جبري گمشدگين خلاف ڪوئيٽا ۾ عوامي ريفرنڊم ٿي ويو: سينيٽر مشتاق

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ڪوئيٽا ۾ بلوچن جي جلسي جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڇا  ڪومت ۽ رياستي ادارن جون اکيون اڃا نه کليل هونديون؟حڪومت کي جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿاهن قتلن خلاف هن عوامي ريفرنڊم کي تسليم ڪرڻ گهرجي.انساني حقن جي تحفظ ۽ رياستي ادارن جي غير آئيني ڪاررواين خلاف پارليامينٽ جي فلور، چوڪن ۽ روڊن تي مزاحمت جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.