فوج صرف انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  (اي سي پي) چونڊن ۾ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي پرامن انعقاد لاءِ 19 نقاطي ضابطا اخلاق به جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ۽ فول پروف سڪيورٽي ٿي وئي . اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطا اخلاق موجب پاڪ فوج کي رڳو چونڊيل انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران مقرر ڪيو ويندو. بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران پرنٽنگ پريس جي حفاظت سول آرمڊ فورسز ڪندي. ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن مان چونڊ مواد پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ، ڳڻپ ۽ چونڊ عمل مڪمل ڪرڻ بعد چونڊن جي سامان کي ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ڏانهن واپس منتقل ڪرڻ تائين سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.