ملڪي تاريخ جون تڪراري چونڊون ٿي رهيون آهن: شاهد خاقان

 راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪي تاريخ جون تڪراري چونڊون ٿي رهيون آهن جتي تڪراري چونڊون ٿينديون اهو ملڪ اڳيان نٿو وڌي سگهي. ٽئي وڏيون پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، مان اهڙي سياسي کان اتفاق نٿو ڪريان جتي اڄ(ن) ليگ بيٺل آهي. اينٽي ڪرپشن راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان  عباسي جي ڪوآرڊينيٽر حافظ عثمان کي روڊن جي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن جي انڪوائري لاءِ طلب ڪيو ته شاهد خاقان عباسي به ٻين ڪارڪنن سان گڏ اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽوريٽ پهچي ويو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چونڊون هڪ آئيني فرض آهي ان کي منعقد ڪرڻ وقت جي حاڪم جي ذميواري آهي چونڊن جي پرواهه نه هوندي ته ملڪ ترقي نه ڪندو. نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ملڪ جا ڪرپٽ ترين ادارا بڻجي چڪا آهن انهن جو احتساب ڪير ڪندو؟ اهي ٻئي ادارا چونڊن جي جوڙ توڙ جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. 1947ع کان وٺي هينئر تائين ملڪ جو هر اليڪشن چوري ڪيو ويو. هن چيو ته نوٽيس ڏئي گهرائڻ، زبردستي ووٽ وٺڻ، ان سان ملڪ نه هلندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.