15سال صوبي ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي وٽ ٻڌائڻ لاءِ 15 رٿائون ناهن: مريم نواز

لاهور (م ڊ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نالو کڻڻ بنا بلاول ڀٽو زرداري کي جواب ڏنو آهي ته پنجاب ۾ ايندڙ ڪجهه جماعتون اهڙيون آهن، جن 15 سال حڪومت  ڪئي پر انهن وٽ ٻڌائڻ لاءِ 15 منصوبا ناهن. پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 119 سنگهه پورا لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان نواز شريف جا 1500 منصوبا ٻڌائي سگهان ٿي، پنجاب جي عوام کي نواز شريف تي تنقيد برداشت ناهي، ن ليگ کانسواءِ سڀ جماعتون اهڙيون آهن، جن ڪجهه نه ڪيو، ٻيون جماعتون رات ڏينهن تنقيد ڪنديون آهن ۽ الزام هڻنديون آهن. هن چيو ته هڪ شخص پنجاب ۾ چئي رهيو آهي ته نواز شريف اڃا تائين منشور ناهي ڏنو، نواز شريف ايندڙ ڏينهن ۾ منشور ڏيندو، مون کي احساس آهي ته مون کي رات ڏينهن توهان جي خدمت ڪرڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.