اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چونڊون شفاف ٿينديون پر ڪروڙين ووٽرن کي سنڀالي نه ٿو سگهجي. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو وڌيڪ ڌيان گورننس نه پنهنجي شهرت تي هو، عمران خان جي گورننس جي معاملن ۾ دلچپسي نظر نه اچي رهي هئي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، ماضي ۾ به شفافيت تي سوال اٿندا رهيا آهن پر ڪروڙين ووٽرن کي مينيج نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن وٽ ليول پليئنگ فيلڊ موجود آهي، جڏهن ته انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعن جي گهڻي حد تائين جاچ ٿي چڪي آهي، 9 مئي ۾ ملوث ڪجهه ماڻهن جو ڪيس ملٽري ڪورٽس، ڪجهه ڪيس سول ڪورٽس ۾ هلندا ۽ نئين حڪومت اچڻ کانپوءِ سزائون ٿيندي نظر اينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته آئين ۾ 5 سالن جو وجود حڪومت نه پارليامينٽ جو آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ معاشي ۽ پرڏيهي مسئلا گهڻا هئا، پارليامينٽ ميمبرن پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي بي اعتمادي رٿ آندي.