آپريشن ”مرگ بر سرمچار“ کانپوءِ پاڪ ايران ڳالھين کي اوليت ھئڻ گھرجي

ايران پاران پاڪستان جي حد اندر ڪيل ڪارروائي جي جواب ۾ پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪندي ٻن ڏينھن جي اندر ھڪ ٽارگيٽڊ ڪامياب ڪارراوئي ڪئي آھي.ان آپريشن کي “مرگ بر سرمچار“ جو نالو ڏنو ويو.ڪارروائي ايران جي صوبي سيستان بلوچستان ۾ ڪئي وئي آھي. جنھن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري،آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 18 جنوري جي صبح جي وقت پاڪستان، ايران ۾ حملا ڪيا ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ تازن حملن ۾ ملوث هئا. آپريشن ۾ پاڪستان ڊرونز، راڪٽس ۽ ٻيا هٿيار استعمال ڪيا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيستان ۾، بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ آپريشن جو نالو ” مرگ بر “ رکيو ويو آهي. آءِ ايس پي آءِ موجب، نشانو بڻايل ٿاڪ پاڪستان خلاف ڪارروائين ۾ ملوث دهشتگردن جي استعمال هيٺ هئا، پاڪ فوج دهشتگردن جي ڪارروائين خلاف پاڪستاني شهرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مستقل تيار آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جو عزم آهي پاڪستان جي علائقائي حدن جي خودمختياري کي هر صورت ۾ محفوط بڻائينداسين، عوام جي مدد سان پاڪستان سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجائي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻين پاڙيسري ملڪن سان ڳالهين ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، دوست ملڪن سان ٻه طرفا معاملا طئي ڪرڻ چاهيون ٿا.

ايران پاڪستاني حملن ۾ ستن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،ايراني ميڊيا موجب خميس جي صبح سراوان شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 7 شهري مارجي ويا آهن. پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ  جو چوڻ آھي ته پاڪستان ڪجهه سالن کان ايران کي بار بار دهشتگردن جي چرپر بابت آگاهه ڪندو رهيو، آپريشن جي ڪاميابي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي مهارت جو ثبوت آهي.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ ضروري قدم کڻدو رهندو، پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو.

پرڏيهي ترجمان موجب ڪارروائي جو مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد لاءِ هو، پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي مفاد حاصل ڪرڻ تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. ايران طرفان بلوچستان ۾ حملي جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

اڳ ۾ايران 16 جنوري جي رات بلوچستان جي علائقي پنجگور جي هڪ ڳوٺ ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا هئا.

ساڳئي وقت پاڪستان جي ڪارروائي کانپوءِ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ايران برادر اسلامي ملڪ آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڙيسري ملڪ سان ڳالهيون جاري رکنداسين، ڪنهن سان دشمني وڌائڻ جا خواهشمند ناهيون.جتي ڪارروائي ڪئي وئي اھي دھشتگرد ايران جي حڪومتي عملداري کان ٻاھر جي علائقن ۾ رھيل ھئا.اھو حملو ايراني رياست يا ايراني فوج خلاف نھ آھي، اتي موجود دھشتگردن خلاف ھو.ترجمان موجب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايران سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان رابطا جاري رهندا.

پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته ھي ڪارروائي انهن سرمچارن پاران وڏي پيماني تي امڪاني دهشتگرد ڪاررواين بابت معتبر ڳجھي اطلاع جي روشني ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته عالمي برادري جي ذميوار ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري ڪري ٿو، جنهن ۾ ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري شامل آهي.

ايران پاڪستان جو ھڪ اھم پاڙيسري مسلمان ملڪ آھي.ٻنھي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا ڪي گھڻا آئيڊيل نھ رھيا آھن پر ان ھوندي بھ ڪو وڏو تڪرار نھ رھيو آھي.ٻنھي ملڪن ۾  لاڳاپا سرد،گرم رھندا آيا آهن.چئي سگهجي ٿو ويجھڙائي ۾ 2021 کان اهي لاڳاپا بهترين سطح تي آھن.ڪن حالتن ۾لاڳاپا پاڪستان ۾ سني ۽ شيعا گروپن وچ ۾ تڪرار جي ڪري ٿيا آهن.

تازي ٻنھي ملڪن جي تڪرار جي پس منظر ۾ اھو ھر ملڪ جو دفاعي حق ٿئي ٿو، جنھن کي ڪتب آڻيندي پاڪستان سفارتي لاڳاپن گھٽائڻ بعد اھا ڪارروائي ڪئي آھي.ان کان اڳ ايران جي ڪيل حملي بعد پاڪستان پاران سخت احتجاج ۽ ردعمل باوجود ايران ڪنھن بھ طرح ندامت وارو رويو اختيار نھ ڪيو ھو.جنھن ڪري پاڪستان کي ان جو جواب ڏيڻو پيو. چيو ٿو وڃي تھ ايران ٻين ملڪن ۾ پڻ دھشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري رھيو آھي، پاڪستان جي اندر ڪيل ڪارروائي پڻ ان جو تسلسل ھئي، پر ڪنھن بھ ملڪ جي سرحد اورانگھي اتي ڪارروائي ڪرڻ ڪنھن بھ ريت حق بجانب نٿي چئي سگھجي.

ھاڻي جڏھن پاڪستان وري ڳالھين جي ذريعي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڳالھھ ڪري رھيو آھي تھ ايران کي ان بابت سوچڻ ۽ مثبت ردعمل جو اظھار ڪرڻ گھرجي،ڇاڪاڻ جو جنگ ٻنھي ملڪن جي حق ۾ ڪنھن بھ ريت بھتر عمل نھ ھوندو.

اھڙي ريت پاڪستان جي لاءِ بھ اھو لازمي آھي تھ جنھن محتاط طريقي سان اڳيان وڌيو آھي اھو ئي سلسلو جاري رکندي،معاملن کي ھاڪاري انداز سان حل ڪرڻ واري پاسي ڏانھن وڃڻ گھرجي.ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي ٻن پاڙيسري ملڪن سان اڳي ئي ڇڪتاڻ وارو ماحول آھي.جنھن ۾ افعانستان ۽ ھندوستان شامل آھن.

ساڳي ريت خطي جي لاءِ بھ اھو بھتر آھي تھ ڪنھن ڇڪتاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي،علائقي ۾ ڪنھن بھ قسم جي تڪرار سان ملڪ مٿان ھر طرح جو بار پوي ٿو.ھن وقت ملڪ مالي،سياسي ۽ آئيني بحران جي ور چڙھيل ھئڻ سان گڏ چونڊن ۾ وڃي رھيو آھي.

ڪي مبصر ھاڻوڪي تڪرار جي آڙ ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن جي ملتوي ڪرڻ جي بابت پڻ افواھ پکيڙي رھيا آھن.پر نگران حڪومت ملڪ ۾ چونڊن ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو آھي. ٻنھي اسلامي ۽ پاڙيسري رياستن جي حق ۾ بھتر اھوئي آھي تھ اھي ھاڻي پنھنجا معاملا ڳالھين سان حل ڪن، ڇاڪاڻ جو ڪنھن ڇڪتاڻ جو سموري معاشري تي اثر پوئي ٿو، ان جو گھڻو بار ملڪ جي خزاني تي بھ پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.