پاڪ ايران ڇڪتاڻ سان اسرائيل، ڀارت ۽ آمريڪا کي فائدو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ ۽ پرڏيهي معاملن جي ماهر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته پاڪ ايران ڇڪتاڻ سان اسرائيل، ڀارت ۽ آمريڪا  کي فائدو ٿيندو، پاڪستان جو جوابي حملو ضروري هو، ايراني بچاءَ واري وزير جي بيان ۾ تڪبر هو، پاڪ ايران ڇڪتاڻ سان اسرائيل تان ڌيان هٽندو، ايران جي حملي فلسطين صورتحال تي ايڪتا ۾ ڏار وڌا.

هن چيو ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته پاڪستان ايران کي ڀرپور جواب ڏنو آهي، ڇو ته شروعات ايران ڪئي هئي، ٻه معصوم ٻار شهيد ڪيا ويا، ايران معذرت ڪري ها ته پاڪستان ٿي سگهي ٿو ته جواب نه ڏئي ها، هاڻي ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ گهرجي، ڇڪتاڻ جو فائدو اسرائيل،ڀارت ۽ آمريڪا کي آهي.

اڳوڻي سفير مليحه هاشمي چيو ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو ،ان ڇڪتاڻ سان خطي ۾ داعش ، اسرائيل ۽ ڀارت کي فائدو پهچندو،پاڪستان ايران سان سفارتي لاڳاپا معطل ناهن ڪيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.