سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سمورن سياسي اڳواڻن جون تصويرون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ شهر ۾ عوامي جاين تي بل بورڊز، پينا فليڪس  پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي دورانعدالت سمورن سياسي اڳواڻن جون تصويرون کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس نديم اختر چيو ته بل بورڊز۽ بورڊنگز ۽  فلائي اورز سميت هيڊ برجز تي جنهن سياسي اڳواڻ  جي تصوير هوندي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ شهري انتظاميا کي حڪم جاري ڪيو ته تصويرون لڳائڻ واري سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان شهر ۾ رهڻ وارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان مهذب شهري آهيون، عدالت ڪي ايم سي سميت ٻين ادارن کي حڪم ڏنو ته هن شهر کي جهنگ نه ٺاهيو، پنهنجي ذميواري پوري ڪريو، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل چيو ته اسان ڪارروائي ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪجهه رڪارٽون آهن، عدالت سخت ڪاوڙجو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪارروائي نٿا ڪري سگهيو ته ڪنٽونمينٽ بند ڪري ڇڏيو، عدالت شهر ۾ بل بورڊز ۽ هورڊنگز هٽائي 31جنوري تي رپورٽ پيش ڪري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.