”نواز شريف ڄاڻي ٿو چونڊون 8 فيبروري تي نه ٿينديون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينئر صحافي، تجزئي نگار ۽ اينڪر پرسن ڪامران خان جو چوڻ آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي يا نواز شريف کي خبر آهي ته  چونڊون 8 فيبروري تي نه ٿينديون.

ڪامران خان موجب شايد اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف جي اليڪشن جي ميدان ۾ عجيب انٽري ٿي آهي،  چونڊ مهم جو پهريون جلسو، هفتن کان ڊگها انتظام پر نواز شريف جي تقرير فقط ڏهن منٽن تائين مختصر رهي، ۽ اوچتو ختم ٿي وئي، نه مستقبل جو ذڪر، نه منشور جو ذڪر ڪيو.

ايران جو پاڪستان تي حملو ۽ پاڪستاني  وج جي جوابي ڪارروائي تي مڪمل خاموشي هڪ عجيب ڳالهه آهي، اليڪشن جو باقاعده ذڪر به نه ڪيو ويو، اهم ڳالهه اها به آهي ته حافظ آباد جلسي ۾ نه عوام جي شرڪت متاثر ڪندڙ هئي ۽ نه ئي جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ آيو، ن ليگ جو منشور الائي ڪٿي گم ٿي ويو آهي. ڏهن منٽن جي ان تقرير ۾ منشور جو ڪو به ذڪر نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.