ايران رات ۾ ۽ پاڪستان ڏينهن ۾ حملو ڪيو، رد عمل فطري هو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  ايران ۽ پاڪستان کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي طاقتن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچڻ  گهرجي.

  نامياري صحافي افتخار احمد جو چوڻ آهي  ته ايران رات جي اونداهيءَ  ۾ ۽ پاڪستان  ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪارروائي ڪئي، هاڻي معاملو ختم ٿيڻ گهرجي. چين ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين لاءِ سرگرم آهي. اميد ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو اچي ويندو. آمريڪا ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. ان سازش کي ٻئي ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.

نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته اصل ۾ ايران غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو ۽ پاڪستان کي عراق ۽ شام سمجهي ڪارروائي ڪئي. جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ايران جي غلط فهمي ختم ٿيڻ گهرجي.

پاڪستان  جي فوجي توڙي سياسي قيادت ايران سان دلي طور جنگ جي حق ۾ نه آهي. رد عمل پاڪستان جي مجبوري هئي.

نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ ڪو به ايراني شهري متاثرنه ٿيو آهي ۽ نه ئي ماريوويو آهي، ان جي تصديق ايران  به ڪئي آهي. تازا اطلاع آهن ته چين ٻنهي ملڪ کي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي.

ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ به اهو آهي ته جنگ کان پاسو ڪن ۽ عالمي طاقتن جي هٿن ۾ نه کيڏن اهي به اطلاع آهن ته پاڪ – ايران ڇڪتاڻ باوجود سرحدي واپار جاري رهيو جيڪا اميد افزا ڳالهه آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 19 جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.