اعظم خان ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ عمران خان مسڪرايو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سلطاني شاهد طور عمران خان خلاف بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته  جڏهن اعظم خان بيان ڏيڻ لاءِ اٿيو ته عمران خان آواز ڏنو ته قرآن پاڪ گهرايو جنهن تي جج چيو ته قرآن پاڪ گهرايو  آهي ۽ اعظم خان پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي بيان رڪارڊ ڪرايو.

صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته  اعظم خان اڳ جيڪو مئجسٽريٽ آڏو 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرايو هو ان ۾ ۽  سندس اڄ  واري بيان ۾ فرق هو. جڏهن اعظم خان بيان مڪمل رڪارڊ ڪرائي ورتو ته اچي عمران خان سان مليو ۽ کيس ڪن ۾ ڪجهه چيو  جنهن تي عمران خان مسڪرايو ۽ ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ٿي وئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 19 جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.