پاڪ- ايران ڇڪتاڻ کانپوءِ هاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ هاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
پرڏيهي کاتي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ جي تصديق ڪئي.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري رحيم حيات قريشي، ايراني هم منصب سيد رسول موسوي ۾ رابطو ٿيو آهي.
ايڊيشنل سيڪريٽري ايراني سفير کي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هاڪاري ڳالهين ذريعي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌنداسين، دهشتگردي سميت اسان جي گڏيل چئلينجز لاءِ مربوط ڪارروائي جي ضرورت آهي.
ايراني سفير چيو ته ٻنهي ملڪلن جا اڳواڻ ۽ اعليٰ اختياريون ڄاڻن ٿيون ته ڇڪتاڻ جو فائدو دشمنن ۽ دهشتگردن کي ٿيندو، اڄ مسلم دنيا جو اهم مسئلو غزا ۾ صيهونين جا ڏوهه بند ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.