پاڪ-ايران ڇڪتاڻ، عام چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد )ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پاڪ – ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو ۽ اسان جو سمورو ڌيان 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي شيڊول موجب ۽ اعلانيل تاريخ تي ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي.
ترجمان موجب، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهي، اهڙي ڪا به تجويز يا آپشن غور هيٺ ناهي ته ڇڪتاڻ سبب اليڪشن جي تاريخ تي نظرثاني ڪئي وڃي.
ترجمان چيو ته اسان معمول موجب ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اٺ فيبروري تي اليڪشن ڪرائڻ جون تياريون جاري آهن.
ٻئي پاسي اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي به واضح ڪيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.