پاڪ-ايران ڇڪتاڻ: حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خطي ۾ ايران کي پسند نه ٿو ڪيو وڃي: بائيڊن

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائڊن چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي هڪ ٻئي تي حملن مان ظهار ٿئي ٿو ته ايران کي خطي ۾ پسند نه ٿو ڪيو وڃي.
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته مون کي خبر نه آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هاڻي ڪهڙي پاسي وڃي ٿي، اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان سموري صورتحال ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿئي ٿي.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران طرفان هڪ ٻئي تي هوائي حملا ڪيا ويا آهن، حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خطي ۾ ايران کي پسند نه ٿو ڪيو وڃي،
ان کان اڳ پاڪ-ايران ڇڪتاڻ تي آمريڪي قومي سلامتي وارن معاملن جي ترجمان جان ڪربي چيو هو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ اضافو نه ٿو ڏسڻ چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.