غير شرعي نڪاح ڪيس: عدالت ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف مبينا غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق مبينا غير شرعي نڪاح خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران سلمان اڪرم راجا چيو ته سموري ڊسٽرڪٽ جڊيشري اڊيالا جيل ۾ موجود آهي، اڄ انهن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن، عدالت چيو ته شاهدن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان روڪيون ٿا، ڪيس ٻڌايو ته آهي ڇا؟ عدالت سوال ڪيو ته عام طور تي عدت جو مدو ڪيترو هوندو آهي؟.
سلمان اڪرم راجا چيو ته عام طور 90 ڏينهن جو مدو هوندو آهي پر تقي عثماني ان ۾ وضاحت ڪئي آهي، عدت جي مدي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي.
جسٽس عامر فاروق چيو ته فرض ڪريو ان بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود نه هجي، اوهان درخواست ۾ ڇا چئلينج ڪيو آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي جاري سمن چئلينج ڪيو آهي.
عدالت چيو ته قانون موجب نڪاح جيڪڏهن عدت ۾ ٿيو ته اهو بعد ۾ ريگيولرائز ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن نڪاح باظابطا نه به هجي ته ان ۾ ڏوهه ڪهڙو آهي؟.
عدالت مبينا غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪندي پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي خاور مانيڪا کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.