مچل ۽ فلپس جي شاندار بيٽنگ، ڪيويز هٿان چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ به شاهين اليون کي شڪست

ڪرائسٽ چرچ( ويب ڊيسڪ )نيوزيلينڊ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان هارائي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-4 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستان طرفان ڏنل 159 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 19 هين اوور جي پهرين ئي بال تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان جي 159 رنسن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جا ابتدائي 3 رانديگرن رڳو ويهه رنسن تي آئوٽ ٿي ويا هئا، ٽي وڪيٽون جلدي ڪرڻ کانپوءِ ڊيرل مچل ۽ گلين فلپس پاڪستاني بالرن کي سٺو سٽڪو ڏنو ۽ ٻنهي رانديگرن ناقابل شڪست ففٽيز اسڪور ڪيون ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
ڊيرل مچل 72 ۽ گلين فلپس 70 رنسون ٺاهيون، ٻنهي رانديگرن چوٿين وڪيٽ لاءِ 139 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي جڏهن ته پاڪستان طرفان ٽئي وڪيٽون ڪپتان شاهين آفريدي حاصل ڪيون.
ان کان اڳ ڪيوي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان محمد رضوان 90 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، محمد نواز 21 ۽ بابر اعظم 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
افتخار احمد 10، فخر زمان 9، صائم ايوب ۽ صاحبزادا فرحان هڪ، هڪ رنسن ٺاهي آئوٽ ٿيا.
نيوزيلينڊ جي مئٽ هنري ۽ ليوڪي فرگوسن ٻه، ٻه جڏهن ته ايڊم ملني هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ تي ڊيرل مچل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.