گم ٿيل ماڻهن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت گم ٿيل ماڻهن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل، دفاع واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ٽي جنوري 2024 تي سپريم ڪورٽ جي آرڊر جي پيرا 11 جو حوالو ڏنو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ اڳتي ڪنهن به شخص کي غيرقانوني طور گم نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان معاملي تي لکت ۾ جواب پڻ طلب ڪيو آهي.
ذريعن موجب، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آرڊر جي پيرا 11 ۾ وفاقي سرڪار کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر ترين آفيسرن وٽان صحيح ٿيل اقرار نامو طلب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.