پاڪستان سدائين هر صورتحال ۾ ايران جو ساٿ ڏنو آهي: مدثر ٽيپو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو چيو آهي ته پاڪستان سدائين هر صورتحال ۾ ايران جو ساٿ ڏنو آهي.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي ۽ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻنهي ملڪن ۾ هاڪاري ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي.
ان ڏس ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.


ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان هر قسم جي صورتحال ۾ ايران جو ساٿ ڏنو آهي.
مدثر ٽيپو وڌيڪ لکيو ته منجهيل علائقائي ماحول ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ گڏيل اعتماد، امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.