عمران خان خلاف جيل ۾ سائفر ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت عمران خان خلاف جيل ۾ سائفر ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو.
وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف جيل ۾ سائفر ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ سائفر ٽرائل لاءِ قائم خاص عدالت کي ڪالعدم قرار ڏنو، هاءِ ڪورٽ وٽ خاص عدالت جي حيثيت ختم ڪرڻ جو اختيار نه آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو درست جائزو نه ورتو.
درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 21 هين نومبر 2023ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.