”باجوا جي فيصلن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو، فوج جو ڏوهه ناهي، 90 سيڪڙو فوجي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندا“

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته نوي سيڪڙو فوجي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيندا جنرل (ر) باجوا مون کي چيو ته سڄي فوج توسان گڏ آهي، باجوا جي فيصلن پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙيو پر فوج جو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي.
اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف چونڊ مهم هلائڻ لاءِ نڪتو آهي ٻڌايو ته 16 مهينن تائين ڪنهن جي حڪومت هئي؟ 16 مهينن ۾ معيشت تباهه ڪئي وئي، 15 لک پروفيشنل ملڪ ڇڏي هليا ويا.
هن چيو ته اسان جي حڪومتي دور ۾ مهانگائي 12 ڏهائي چار سيڪڙو تائين هئي جيڪا هو 38 سيڪڙو تي ڇڏي ويا، اسان جي دور ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي، افغان صدر اشرف غني جي حڪومت سان اسان جا سٺا لاڳاپا هئا پر ن ليگ حڪومت اچي افغانستان سان به لاڳاپا تباهه ڪري ڇڏيا ۽ سندن پرڏيهي پاليسي جي ڪري پاڪستان اڪيلو ٿي ويو .
عمران خان چيو ته ايران پاڪستان ۾ حملو ڪري غلط ڪيو ائين نه ڪرڻ گهرجي ها ايران جو دشمن اسرائيل ڪوشش ڪندو ته اسان جا لاڳاپا خراب ٿين، هن وقت پاڪستاني معيشت ڏکيائين جو شڪار آهي اهڙي صورتحال ۾ اسان کي تڪرارن ۾ نه پوڻ گهرجي، پاڙيسري بدلائي نٿا سگهجن، اسان ڀارت سان به دوستي جي پوري ڪوشش ڪئي هئي افغانين کي ڪڍي اسان نفرت کي وڌايو.
هن چيو ته بندوقن سان مسئلا حل ناهن ٿيندا سياسي حڪومت سياسي حل ڳوليندي آهي ۽ تمام مسئلن جو حل صاف ۽ شفاف چونڊون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان اسي هزار ماڻهو شهيد ڪرايا اسان کي آڻڻ کان پهرين ڪمزور ڪيو ويو ته جيئن ڪنٽرول ڪري سگهجي.
هن چيو ته اتحادي حڪومت جو حصو بڻجڻ بدران اسان اپوزيشن ۾ ويهڻ پسند ڪنداسين، اليڪشن سان ملڪ ۾ وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ٿيندو، اقتصادي خساري جي کوٽ جي پورائي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي فوج اسان جي فوج آهي نوي سيڪڙو فوجي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندا، باجوا ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چيو ته سڄي فوج توسان گڏ آهي سندس فيصلن پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙيو پر فوج جو ان ۾ ڏوهه ناهي.
عمران خان چيو ته سياسي ماڻهو سدائين ڳالهه ٻول لاءِ تيار هوندا آهي پي ڊي ايم سان به اسان جي ڪميٽي چونڊن بابت ڳالهه ٻول ڪئي هئي پي ڊي ايم چيو هو ته جسٽس بنديال جي هوندي چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن ڪنهن اندازو ناهي ته اٺ فيبروريءَ تي ڇا ٿيڻ وارو آهي.
سندس چوڻ هوته هو ڪنهن مارشل لا جي نرسري ۾ ناهيو پليو، ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي هر روز عوام جي ڪاوڙ وڌي رهي آهي اٺ فيبروري تي ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ ڪڍندا ۽ انهن کي وڏو جهٽڪو لڳندو، جج همايون دلاور جي ميچ فڪس هئي سندس ڏنل فيصلو معطل ٿي ويو پوءِ به مون کي نااهل ڪري ڪيو ويو.
خاور مانيڪا طرفان عدت ۾ نڪاح جي درخواست ۽ ڪيس هلائڻ تي عمران خان چيو ته عدت ڪيس ۾ جيڪو ڪيو ويو ائين مون ڪنهن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ڪندي ناهي ڏٺو، خاور مانيڪا ڪمزور ماڻهو نڪتو مان هجان ها ته مري وڃا ها اهڙو بيان نه ڏيان ها، جن به اِهو ڪيس ڪرايو اِهي ڪيترا ڪِريل ماڻهو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.