ايران جي اڳرائي ۽ پاڪستان جو جواب

زائر حسين

ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آھي، جيڪو پڻ اسلامي رياست آھي. تاريخي طور ٻنهي ملڪن جا ٻه طرفه لاڳاپا سڪيورٽي ۽ معاشي لحاظ کان ڪڏهن سٺا ته ڪڏهن خراب رهندا آيا آھن. ٻه طرفه لاڳاپا خراب هجڻ جا هونئن ته ڪافي سارا سبب آھن پر هتي خراب لاڳاپن جا ٻه سبب بيان ڪنداسين.

پهريون سبب آمريڪا پاران ايران تي عالمي قانون موجب نيوڪليئر پروگرام کي مددنظر رکندي پابنديون عائد ڪيون جنهن سبب پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا هر شعبي ۾ ويجهو ٿيڻ بجاءِ ڪشيدگي اختيار ڪئي. جڏهن ته ٻيو سبب ايران سعودي عرب ڪشيدگي آھي ڇو ته تاريخي طور پاڪستان، ايران تي سعودي عرب کي وڌيڪ اهميت ڏيندو رهيو آھي. ايران جي بدولت پاڪستان ڪنهن به صورت سعودي عرب سان سفارتي تعلقات خراب ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.  گذريل سال مارچ 2023ع ۾ چائنا جي مدد سان ايران سعودي ڊيل ٿي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ غيرفعال سفارتي لاڳاپا ٻيهر بحال ٿيا. سعودي ايران لاڳاپا هڪ پيج تي حتمي شڪل ۾ نظر آيا.  پاڪستان ايران_سعودي ڊيل جي ساراھ ڪندي ان کي مسلم امت، مڊل ايست ۽ سائوٿ ايشيا خطي جي امن ۽ ترقي لاءِ مثبت قدم قرار ڏنو.

سعودي ايران ڊيل کانپوءِ پاڪستان ۽ ايران جا ٻه طرفه تعلقات سٺا ٿيڻ لڳا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ 5 ارب آمريڪي ڊالر واپار وڌائڻ تي ڪيترائي معاهدا ڪيا. واپار جي شعبي کان علاوه بجلي، مذھبي ٽوئرزم ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ معاهدا ڪيا ويا. جون 2023ع ۾ پاڪستان پاران رياستي سطح تي B2B پاليسي يعني بزنس ٽو بزنس بارڊر جو اعلان پڻ ڪيو. ڪراس بارڊر دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پڻ عملي اپاءَ وٺڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ معاهدا ڪيا ويا. ٻنهي ملڪن جا ويجها لاڳاپا هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿيڻ جي ور چڙھڻ وڃي رهيا آھن ڇو ته ٻه ڏينهن پهريان 17 جنوري تي ايران پاران عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ مزائيل حملا ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪجھه انساني جانيون ضايع ٿيون. ايراني رياست پاران اهو موقف جاري ڪيو ويو ته اسرائيلي ماڻھن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جيئن انهن کي ٽارگيٽ ڪري ختم ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته فلسطين ۽ اسرائيل جنگ ۾ ايران فلسطين کي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آھي ۽ فلسطيني گروپ حمازکي معاشي طور ۽ هٿيارن وسيلي پڻ مدد ڪري رهيو آھي. پاڪستان پاران ايراني ميزائل حملن جي سخت مذمت ڪندي ايران ۾ مقيم پاڪستان جي سفاتڪار کي واپس گهرايو آھي ۽ پاڪستان ۾ مقيم ايران جي سفارتڪار کي ايران واپس وڃڻ جو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. ڪالهه 18 جنوري جي صبح جو پاڪستان پاران جوابي ردعمل ڏيکاريندي ايران جي سرزمين تي ميزائل حملا ڪري دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آھي.

ميزائيل حملا پاڪستان ۽ ايران سميت سموري خطي جي امن لاءِ هاڃيڪار آھن. پاڪستان کي گهرجي ته پهرين سطح تي ايران سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ۽ معافي وٺڻ تي مجبور ڪري، جيئن ايران اهڙي قسم جي اڳرائي کان باز اچي سگهي ڇو ته هن وقت عالمي ماحول ايران جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ سازگار آھي. ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته جنگ بدران امن جي قيام لاءِ عملي ڪوششون وٺن. واپار، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ ٿيل معاهدن کي عملي جامو پهرائي تعان وڌائن ۽ پنهنجا سفارتي لاڳاپا خراب ڪرڻ بجاءِ بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيئن ٻئي ملڪ بيروزگاري، غربت ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.