سياسي ميدان ۾ اٿل پٿل جاري آھي توڙي جو ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان غير يقينيءَ واري صورتحال اڃا تائين پنھن جي جڳھ تي موجود آھي.سوشل ميڊيا تي ڪجهه حلقن طرفان ان بي يقينيءَ واري صورتحال کي وڌيڪ پکيڙڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ھڪ خاص مھم به جاري آھي پر نٿو لڳي ته چونڊون ڪنھن به طرح ملتوي ٿي سگهن ٿيون.انھيءَ لاءِ ڪيترائي مضبوط دليل موجود آھن.
بھرحال،ھاڻوڪين چونڊن جي حوالي سان ڪنھن کي ڪجهه به سمجهھ ۾ نٿو اچي ته انھن جا نتيجا ڇا ايندا ۽ ڇا اھي نتيجا سمورين سياسي ڌرين لاءِ قابل قبول ھوندا؟ سياسي حوالي سان تمام گهڻي ڌنڌ پکڙيل آھي.ھڪ طرف تحريڪ انصاف حڪومت، رياست ۽ ويندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي چونڊن ۾ ليول پلينگ فيلڊ نه ڏيڻ جا الزام ھڻي رھي آھي تھ ٻئي طرف خود تحريڪ انصاف جي پنھنجن صفن ۾ وڏو ڏڦير نظر اچي رھيو آھي.سياسي دانشور تجزيي نگار اڃا تائين منجهيل آھن ته اصل واڳ ڌڻين ھاڻوڪين چونڊن جي حوالي سان ڪھڙو سياسي خاڪو ترتيب ڏنو آھي؟ ھڪ طرف مسلم ليگ (ن) نچي ۽ ٽپي رھي آھي ته ھن وقت اسٽيبلشمينٽ جون سموريون عنايتون سندن حصي ۾ اچڻيون آھن.سندن چوڻ مطابق ايندڙ پنجن سالن لاءِ ميان نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي ڪرسي ڏيڻ جو پڪو فيصلو ٿي چڪو آھي ۽ ڪجهه ليگي اڳواڻ محترمه مريم نواز کي پنجاب جي وڏ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويھاري به چڪا آھن. پر معاملا ايترا سادا ناھن جيئن نظر اچن ٿا.
پھرين ڳالھه اھا ته اسان جي ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي ڪنھن به طرح سياسي ميدان مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ناھن بلڪه ايندڙ وقت ۾ ھو ھر قيمت تي حڪومتي معاملن ۾ پنھن جي گرفت وڌيڪ مضبوط رکڻ گهرن ٿا.انھيءَ جي لاءِ ھو ڪيترائي جواز جوڙي ويٺا آھن.مثال، ملڪ جي سلامتي ۽ معاشي صورتحال وغيرھ.ھاڻوڪين حالتن ۾ خان صاحب جي مقابلي ۾ ھنن وٽ ٻيو ڪو آپشن ناھي سو اھي نون ليگ کي کليل ميدان ڏيڻ تي راضي نظر اچن ٿا پر اڃان تائين نواز شريف جي وزارت عظميٰ تي انھن جا خدشا پنھن جي جڳھه تي موجود آھن.اڃا تائين نواز شريف جي بدران ننڍو ميان صاحب سندن فيورٽ اميدوار آھي تنھن ھوندي به ان جو امڪان ناھي ته ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ان قسم جي ڊيل ڪئي ھجي يا آئندہ ڪري. ان ڪري ان ۾ ته ڪو شڪ ناھي ته ايندڙ چونڊن ۾ ميان نواز شريف کي ئي ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ ڏنو ويندو پر اسيمبليءَ ۾ سندس اڪثريت ايتري ته ڇڊي ھوندي جو ھو شايد پنھن جي مرضيءَ جا فيصلا آسانيءَ سان نه ڪري سگهي.ھي جو پاڪستان استحڪام پارٽي جوڙا.ئي انھن جي اميدوارن جي لاءِ رستو صاف ڪرايو ويو آھي، ايندڙ حڪومت سازي توڙي حڪومتي فيصلن ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا.
انھيءَ کان سواءِ تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان نه ملڻ سبب ھاڻي جيڪر اھي اميدوار کٽي به اچن ٿا ته اھي تحريڪ انصاف جو حصو نه رھندا تنھن ڪري انھن جا ووٽ به حڪومت سازيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. اھڙيءَ طرح سنڌ ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوارن ذريعي سوڙھو ڪيو ويندو ۽ کين کليل ميدان نه ڏنو ويندو.بلوچستان اڳيئي واڳ ڌڻين جو آھي، اتي ڪھڙا به سياسي چھرا اڳيان آندا وڃن ڪو به فرق نٿو پوي.رھيو سوال ڪي پي جو ته اتي تحريڪ انصاف جو نظرياتي گروپ ترتيب ڏنو ويو آھي جيڪو مولانا سان گڏجي حڪومت جوڙي سگهي ٿو.جيستائين پنجاب جو تعلق آھي ته نٿو لڳي ته اھو صوبو به نون ليگ جي حوالي ڪيو ويندو.اتي امڪان اھو ئي آھي ته پاڪستان استحڪام پارٽي، نون ليگ گڏجي حڪومت جوڙين ۽ مرضيءَ وارن جي مرضي اھا ئي ھوندي ته ڪنھن به صورت ۾ عليم خان کي وزير اعليٰ بڻايو وڃي.
ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ھاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ خان صاحب ۽ سندس گروپ ڪٿي بيٺل نظر اچي ٿو؟ حالتون ته اھو ئي ٿيون ٻڌائين ته في الحال انھن لاءِ ھاڻوڪي سياسي سسٽم ۾ ڪا گنجائش موجود ناھي.اھي مقدما،جيل ۽ پيشيون جيئن جو تيئن جاري رھنديون.توڙي جو خان صاحب جي مقبوليت کي نه ته اڃا تائين ڪو ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي ۽ نه ئي عمران خان کي مختلف رياستي ۽ حڪومتي حربن سان سياست مان آئوٽ ڪري سگهجي ٿو.ماضيءَ ۾ به ان قسم جا سمورا تجربا مڪمل نموني ناڪام رھيا آھن سو ايئن چوڻ ته چونڊن کان پوءِ خان صاحب جي سياست ختم ٿي ويندي،ھڪ خوش فھمي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناھي.
ھن وقت تائين به خان صاحب کي جيڪو به سياسي نقصان رسيو آھي سو سڀ سندس پنھن جن افعالن ۽ غلط سياسي فيصلن جي ڪري ئي رسيو آھي.ھاڻي ڏسڻو پوندو ته اڳيان خان صاحب ڪھڙي ٿو حڪمت عملي اختيار ڪري ۽ پنھن جي ماضيءَ جي غلطين کي ڪيترو ٿو درست ڪري.ايندڙ حڪومت لاءِ عمران خان جو جيل اندر رھڻ ڪجهه عرصي لاءِ ته ذھني سڪون ۽ اطمينان جو سبب ٿي سگهي ٿو پر اڳتي ھلي ڪري اھو سڪون گهڻو جٽادار ثابت نه ٿيندو. ملڪ کي ھن وقت داخلي ۽ خارجي سظح تي جيڪي چيلينج سامھون آھن،خاص طور تي مھانگائي ۽ بي روزگاريء ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو آھي، ايندڙ حڪومت انھن چيليجن کي ڪيتري قدر منھن ڏيڻ جي صلاحيت رکندي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ان حڪومت جا معاملا ڪتري حد ۽ ڪيتري وقت تائين سازگار رھندا.
اھي اھڙا سوال آھن جيڪي خان صاحب جي ايندڙ سياسي ڪردار ۽ اثر رسوخ بابت نھايت ئي اھم رھندا.جيڪر ايندڙ حڪومت وٽ ماڻھن جي بنيادي مسئلن جي ترت حل لاءِ ڪا موثر حڪمت عملي ۽ مناسب صلاحيت نه ھوندي ته معاملا وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندا جنھن جي نتيجي ۾ جيڪا عظيم مايوسي ۽ بي چيني ماڻھن ۾ جنم وٺندي اھا خان صاحب جي سياست کي ھڪ دفعو ٻيھر عروج بخشي وجھندي.