قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پ پ اميدوارن جا اختلاف

عبدالمجيد بروهي

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قمبر ضلعي مان پڻ چونڊ وڙھي رھيو آھي جنھن سبب قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو عوام پڻ پرجوش آهي. جتي پ پ پ جا جيالا پنھنجي قائد بلاول ڀٽو پاران قمبر ضلعي مان چونڊ وڙھڻ تي تمام خوش آھن اتي سندن لاءِ پريشاني پڻ گھڻي آھي. قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جا ڪارڪن ھن وقت ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن. قمبر ضلعي جي ٻن نواب گھراڻن نوابزادا ميرنادرخان مگسي ۽ نواب سردار خان چانڊيو جي خاندانن ۾ شروع ٿيل سياسي اختلاف ھن وقت ذاتي اختلافن ۾ تبديل ٿي چڪا آھن جنھن جي ڪري ڪارڪن سخت مونجھاري جو شڪار آھن اليڪشن ۾ باقي ڪجھه ڏينھن وڃي بچيا آھن پر ھن وقت تائين ٻنھي خاندانن ۾ پ پ پ قيادت پاران ٺاھ ناھي ڪرايو ويو.

پي ايس 17/16 تي نواب سردار خان چانڊيو ۽ نوابزادا برھان خان چانڊيو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھي رھيا آھن جڏھن ته اي اي 197 تي ميرعامرخان مگسي پ پ پ جو اميدوار آھي قمبر نصير آباد وارھ تعلقن جا ڪارڪن خوش ھيا ته اليڪشن ۾ ٻنھي نواب خاندانن جا اختلاف ختم ٿيندا پر جيالن جو اھو خواب پورو نـ ٿي سگھيو پي ايس سترنھن جو اميدوار اڳوڻي ايم پي اي نوابزادا برھان خان چانڊيو سندس وڏي ڀاء چيف آف چانڊيا نواب سرداراحمد خان چانڊيو پاران اليڪشن ورڪ  اڪيلي سر ڪرڻ نوابزڊا ميرنادرخان مگسي ۽ ميرعامرخان مگسي سان چونڊ ورڪ نـ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي ته چانڊيا سردارن کي اھا پڪ ٿي وئي آھي پي ايس سترھن تي چونڊون وڙھندڙ جي ڊي اي جي اميدوار سرائي جاويدکوکر ميرنادرعلي خان مگسي پاران انھن جي مقابلي ۾ لاٿو ويو آھي نواب سردار خان جي ويجھن ماڻھن جو چوڻ آھي ته جاويد کوکر پ پ پ اڳواڻ علي رضا خان چولياڻي جو ويجھو ساٿي آھي ۽ علي رضا خان چولياڻي ميرنادرخان مگسي جي ويجھن ساٿين مان ھڪ آھي ھوڏانھن ميرنادر خان مگسي ۽ ميرعامرمگسي پاران جي ڊي اي اميدوار جاويد کوکر کان مڪمل لاتعقي جو اظھار ڪيو آھي ميرعامرخان مگسي ۽ مير نادر خان مگسي جي ويجھن ساٿين موجب ميرصاحب وارن مٿان اھو الزام سراسر غلط آھي ھنن موجب ميرنادر خان مگسي جي مقابلي ۾ گذريل عام اليڪشن ۾ ھن وقت پڻ جيڪو اميدوار لاٿو ويو آھي اھو ميرمظفر بروھي نواب برھان خان چانڊيو جو ويجھو ساٿي آھي جنھن کي نواب خاندان وارا ڀرپور سپورٽ پڻ ڪندا رھندا آھن.

بحرحال اھو جھيڙو سياسي ھيو ان کي ڪجهھ وچ وارن ماڻھن ذاتي جھيڙي تائين وڃي پھچايو آھي واضح رھي ته ڪجهھ ماڻھون پنھنجا نمبر ٺاھڻ لاءِ ٻنھي ڌرين کي غلط ڳالھيون ٻڌائيندا رھن ٿا جنھن سبب معاملو گھڻو اڳي وڌندو پيو وڃي واضح رھي ته نواب سرادر خان چانڊيو ۽ نوابزادا ميرنادرخان مگسي پاڻ ۾ ويجھا مائٽ پڻ آھن مگسي خاندان جو چيف سردار نواب ذوالفقار علي خان مگسي ۽ ميرخالد خان مگسي نواب سردار خان چانڊيو ۽ نواب برھان خان چانڊيوـجا سڳا ماسات پڻ آھن ان حساب سان ميرنادرخان مگسي ۽ ميرعامرخان مگسي ۽ نواب سرادار خان چانڊيو ۽ نوابزادا برھان خان چانڊيو پڻ ماسات آھن انھن جي رت جي رشتن ۾ اختلاف پيدا ڪندڙ وچ وارا ماڻھو آھن جيڪي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ ٻنھي ڌرين غلط ڳالھيون ٻڌائي ھڪ ٻئي کان ڪافي پري ڪري ڇڏيو آھي. پ پ پ ضلعي قمبر جا ڪارڪن ۽ عھديدار خاص ڪري وارھ ۽ نصيرآباد جا عھديدار ورڪر ھن وقت تمام وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا آھن جيڪڏھن ٻنھي ڄڻن گڏجي ورڪ نـ ڪيو ته پوءِ انھن لاءِ اليڪشن ورڪ مھم ھلائڻ تمام ڏکيو ٿيندو ڇو ته ايم پي اي جي ٽڪيٽ تي چونڊو وڙھندڙ نوابزادا برھان خان چانڊو  قومي سيٽ تي اليڪشن وڙھندڙ ميرعامر خان مگسي پاران الڳ چونڊ مھم ھلائي رھيواھي ڪارڪنن جي پريشانين ۾ اضافو ڪيو ويوآھي جيڪي چون ٿا اسان پ پ پ جا ورڪر ۽ جيلا آھيون.

اسان ٻنھي خاندانن کي گذارش ٿا ڪريون ته گڏجي اليڪشن مھم ھلايو الڳ الڳ اليڪشن مھم ھلائڻ سان مخالف کي فائدو ٿيندو اسان لاءِ به پريشانين ۾ اضافو ٿيند و ڪارڪنن چو چوڻ آھي ته اسان ڳوٺن ۾ الڳ الڳ اميدوارن کي ڪيئن وٺي وينداسين ڳوٺاڻا ۽ شھرن ۾ رھندڙ شھرين ۾ پ پ پ سان محبت آھي جيڪي اليڪشن جي ڏينھن تهي ڀلي کين سواري نـ ملي پر پوء به ھو پيرين پنڌ پولنگ تي پھچي تير تي ٺپو ھڻندا آھن پر اسان کي انھن جو خيال رکڻ گھرجي انھن وٽ ساڳيا ماڻهو الڳ الڳ پروگرام ڪارنر گڏجاڻي رکي اسان ورڪر انھن جي لاءِ به خرچ ۽ پريشاني جو سبب بڻجي رھيا آھيون

ورڪرن موجب اسان جي لاءِ نواب خاندان ۽ ميرخاندان قابل احترام آھن پر جيڪڏھن اھي الڳ الڳ اليڪشن مھم ھلائيندا ته پوءِ اسان پڻ عذاب ڀوڳينداسين جيڪڏھن ساڳي ڏينھن تي ٻئي ٽڪيٽ ھولڊر ساڳن علائقن ۾ پھچي چونڊ مھم ھلائيندا ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو جيڪڏنھن اسان مان ڪير به ان ڏينھن تي نواب برھان خان چانڊيو يا مير عامر خان مگسي سان ڀلجي گڏ ويو ته پوءِ ٻي ڌر جا ماڻھو ان ئي وقت ڌرين کي فون ڪري چوندا سائين ڦلاڻو ڪارڪن يا عھديدار اسان چونڊ مھم ھلڻ بجاءِ ھن ڌر وارن سان ويوآھي پوءِ اھي ويچارا وتندا صفائي ڏيندا.

ڪارڪنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪو چيئرمين آصف علي زرادري ۽ اڳوڻي ايم پي اي ۽ـمرڪزي اڳواڻ پ پ پ مانواري ادي فريال ٽالپر صاحبه کي درخواست ڪندي چيو ته خدارا اوھان ھنن ٻنھي نواب خاندانن کي ڳالھين تي راضي ڪري سگھو ٿا. ٻنھي سياسي ۽ عوام سگهھ رکندڙ نوابن خاندانن  ۾ سياسي توڙي ذاتي اختلاف ختم ڪرائي ٻنھي خاندانن ۾ سرچاءُ ڪرائي کين اڳ وانگر ھڪ ڪري کين گڏجي چونڊ مھم ھلائڻ تي راضي ڪريو انھن جي اختلافن سان پوري ضلعي ۾ پارٽي جي ووٽ بئنڪ کي نقصان پوڻ جا انديشا آھن ووٽرن ڏانھن الڳ الڳ وڃڻ سان اھي پڻ خوفزادا ٿي سگھن ٿا ووٽر ووٽ ڏيڻ لاءِ به نڪري نـ سگھندو اھي ھن وقت به اھو چون ٿا ته جيڪڏھن ووٽ ڏيڻ وياسين ته اسان مان ڪو نـ ڪو وڏيرو ناراض ٿي سگھي ٿو ان جي لاءِ اسان ووٽ ڏيڻ ئي نـ وينداسين، انھن پريشانين ۽ ورڪرن کي عذاب کان بچائڻ پارٽي قيادت انھن کي ھڪ ڪري گڏجي اليڪشن ورڪ ھلائڻ تي راضي ڪن جنھن سان ووٽر ۽ وورڪرن جو ڀلو ٿيندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.