ڊجيٽل دور ۾ نوجوانن کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟

ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو

21 هين صدي جي تيز رفتار ۽ هميشه بدلجندڙ منظرنامي ۾، نوجوانن کي بي مثال موقعن ۽ للڪارن (چئلينجن) کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ھن دور ۾ ٽيڪنالاجي ترقي  ڪري رهي آھي ۽ عالمي معيشت ۽ سماجي ريتن رسمن ۾ تبديلي اچي رھي آھي، تنھنڪري، نوجوانن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي مستقبل کي ترتيب ڏيڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. موجودھ دنيا غير يقيني ۽ مسلسل تبديلي واري دنيا آھي، جنھن ڪري نوجوانن لاءِ اھو مشڪل ٿي سگھي ٿو ته ھو پنھنجي مستقبل لاءِ ڪا جوڳي منصوبابندي ڪن. ھي دور عالمگيريت ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي. ھن وقت صنعتي انقلاب 4 ۾ نوجوان پنھنجي زندگي گذاري رھيا آھن، تنھنڪري اھي بھتر مستقبل  جي منصوبابندي لاءِ موجودھ دور جي گھرجن مطابق سوچي ۽ جدوجھد ڪري رھيا آھن. اھي ڌنڌا ۽ نوڪريون به اھڙيون سوچي رھيا آھن جيڪي انھن جي سوچ مطابق ھجن. پر غير متوقع حالتون انھن نوجوانن جا انھن نوڪرين يا ڌنڌن تائين پھچڻ لاءِ رستا تبديل ڪري رھيون آھن يا تبديل ڪري سگھن ٿيون. تنھنڪري ھو ڪافي مونجھاري جو شڪار آھن.

ھيءَ حالت صرف سنڌ جي نوجوانن جي نه آھي پر سڄي دنيا جا نوجوان انھن حالتن مان گذري رھيا آھن. هن آرٽيڪل لکڻ جو مقصد نوجوانن لاءِ هڪ غير متوقع مستقبل ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ عملي رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي، ضروري مهارتن جي سکڻ تي ڌيان ڏيڻ ۽ هڪ اهڙي ذهنيت يا سوچ کي پيدا ڪرڻ جيڪا تڪليف واري  يا ڏکيي ماحول ۽ غير يقيني صورتحال کي قبول ڪري سگھي. ھن مضمون ۾ اهو پڻ بيان ڪيو ويندو ته نوجوانن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ، ذاتي ترقي، سماجي ذميواري نڀائڻ سان گڏوگڏ  ڊجيٽل دور ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

سڀ کان پھريان تھ هڪ غير متوقع مستقبل کي طئي ڪرڻ بدران، پنهنجي توانائي کي انهن ڪمن تي لڳايو جيڪي توهان کي هاڻي فائدو ڏين.  ان لاءِ اوھان نوان ھنر سکو، ڌنڌن ڪرڻ جا نوان اصول ۽ طريقا سکو ۽ پليٽ فارم ڳولھيو جتي اوھان نئين طريقي سان نوڪري يا ڌنڌا شروع ڪري سگھو ٿا. اھڙي طرح نوان دوست ٺاھيو جيڪي اوھان جي مختلف ھنر، ٻوليون ۽ ڌنڌا سکڻ ۾ رھنمائي ڪن ۽ نون ڌنڌن ۽ نوڪرين ڳولھڻ ۾ اوھان جي مدد به ڪن. تنھنڪري اھڙيون سرگرميون شروع ڪريو جيڪي اوھان کي بھتر ۽ روشن مستقبل لاءِ نه صرف تيار ڪن پر عالمگير سماج ۾ اوھان کي نروار ڪن ته جيئن اوھان سڀني  يا پوري دنيا کي نظر اچي سگھو.

جديد ٽيڪنالاجي ۽ متحرڪ بازار جديد دنيا جون خاصيتيون آھن. تنھنڪري هن دور ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ، نوجوانن کي سکيا حاصل ڪرڻ واري ذهنيت کي اپنائڻ گهرجي. رسمي ادارن کان ٻاهر تعليم حاصل ڪريو، آن لائين ڪورسز ڪريو، مختلف قسم جي ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪريو، اھي ھنر سکو جن ھن جي مختلف ڪمپنين يا ادارن کي ضرورت آھي ۽ وڏي پيماني تي پڙهو.  مسلسل سکيا حاصل ڪرڻ وارو طريقو ئي بدلجندڙ دنيا ۾ اوھان کي جياريندو رھندو . اھڙي طرح، جنھن به شعبي سان اوھان لاڳاپيل آھيو، اتي وڌيڪ محنت ڪريو . اھو طريقو اوھان کي ترقي ڏيارڻ  ۾ مدد ڪندو. .

ٽيڪنالاجي جي غلبي واري دور ۾، نوجوانن لاءِ ڊجيٽل سکيا ضروري آهي. ان سان اوھان سمجھي سگھندا ته انٽرنيٽ کي ڪيئن محفوظ طريقي سان استعمال ڪجي، غلط معلومات کي ڪيئن سمجھجي ۽ ان جي استعمال کان ڪيئن بچجي ۽ ذاتي ۽ پيشيوراڻي ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي کي ڪيئن استعمال ڪجي ۽ ان جو ڪيئن فائدو وٺجي؟ ان کان علاوھ، ڪمپيوٽر پروگرامنگ سکڻ ۽ ان ۾ وڌيڪ صلاحيتن کي پيدا ڪرڻ سان گڏ پاڻ کي ڊجيٽل لاڙن لاءِ تيار ڪري مختلف شعبن ۾ ترقي ڪري سگھجي ٿي.

عالمگيريت واري دور جي دنيا ۾، تنوع يا ڊائورسٽي کي قبول ڪرڻ ڪاميابي جو بنياد ۽ اهم حصو آھي. نوجوانن کي فعال طور تي مختلف ثقافتن، نقطه نظر ۽ پس منظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. فعال طور تي مختلف عالمي حوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه رڳو هڪ وڌيڪ هم آهنگي واري دنيا کي فروغ ڏئي ٿي پر مختلف موقعن کي حاصل ڪرڻ جي وسيع رينج جا دروازا پڻ کولي ٿي. عالمگيريت جي دور ۾ نوجوانن جو خواب عالمي برادري ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ، بين الاقوامي تعاون کي فروغ ڏيڻ، ۽ مثبت عالمي تبديلي ۾ حصو وٺڻ شامل آهي. ھن دور ۾  ڪم ڪرڻ جي طريقي کي گِگ ٽيڪنالاجي جيڪا گگ معشيت جي نالي سان مشھور آھي  تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ماڻھو گھر ويٺي آنلائين طريقي سان پنھنجي ھنر ۽ ڄاڻ مطابق ڪم ڪري لکين رپيا ڪمائي رھيا آھن. اھڙي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي فري لائنسنگ چون ٿا.

فري لائنسنگ اوھان کي اوھان جي مرضي مطابق ڪم ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري ٿي  جنھن ذريعي اوھان وقت ۽ ڪم جي نوعيت پنھنجي مرضي مطابق چونڊيو ٿا ۽ ان جا شرط به پاڻ طئي ڪريو ٿا. البته فري لائنسنگ جو ھڪ شرط آھي ته اوھان وٽ جيڪي ھنر آھن انھن کي صحي طريقي سان استعمال ڪريو ۽ وقت ۽ نظم و ظبط جو نه صرف  مؤثر طريقي سان استعمال ڪريو پر انھن جي مارڪيٽ به ڪريو. تنھنڪري ھڪ پورٽ فوليو ٺاھيو ۽ گراھڪن جو گروھ ٺاھڻ لاءِ ھميشه ثابت قدم رھو. ڪنھن به ڪم کي شروع ڪرڻ لاءِ منصوبه بندي ڪريو ۽ سڀ کان پھريان ڪو ننڍڙو ڪم شروع ڪريو ۽ پاڻ کي ڪامياب ماڻھو طور ظاھر ڪريو. ڪنھن به ڪم ڪرڻ لاءِ للڪارن يا چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رھو، ان سان توهان ۾ رواداري ۽ لچڪ پيدا ٿئي ٿي، جيڪي اوھان جي مستقبل جي ڪاميابين لاءِ  اھم آھن.

مستقبل فطري طور تي غير يقيني آهي ۽ ان کي نيويگيٽ ڪرڻ يا سمجھڻ ۽ ان مطابق سوچي سمجھي قدم کڻڻ مهارت آهي جيڪا تجربي سان اچي ٿي. تنھنڪري، پنھنجو پاڻ کي مختلف قسم جي نوڪرين، ڪيريئر، ترقي جا رستا گولڻ ۽ مختلف موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار رکو. مختلف قسم جا ٽيڪنيڪل ڪورس ڪريو، اھڙي طرح مسلسل سکيا ذريعي پاڻ کي تيار ڪندا رھو، تڪليفن ۽ مصيبتن کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ھميشه تيار رکو ۽ پنھنجي شخصيت لچڪدار بڻايو ته جيئن مختلف حالتن کي منھن ڏئي سگھو.  ان کانسواءِ، پاڻ ۾ تنقيد کي برداشت ڪرڻ ۽ تنقيدي سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪريو ڇاڪاڻ ته موجود دور تنقيدي تجزيي ذريعي ماڻھو ۽ ان جي ڪم کي جانچيو وڃي ٿو.  تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ ن رڳو ذاتي ترقي ۾ مدد ڪري ٿي پر چڱي طرح باخبر، ذميوار شهري ۽ مڪمل  انسان بڻائڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿي. ان کانسواءِ، اوھان کي ڪنھن به قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ بابت سوال ڪرڻ گھرجن ۽ مختلف  نقطه نظر جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان مطابق فيصلا ڪرڻ جي مھارت رکڻ گھرجي ته جيئن اوھان جي ترقي ڪرڻ جا رستا بند نه ٿين.

21 صدي نوجوانن لاءِ نوان رستان کوليا آھن. ھن دور ۾ ٽيڪنالاجي خاص ڪري ھٿراڌو ذھانت واري ٽيڪنالاجي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري نون قسمن جا روبوٽ وغيرھ پيدا ٿي رھيا آھن جيڪي ڪيترن ئي ڪمن ۾ انسان جي جاءِ تي ڪم ڪري رھيا آھن. تنھنڪري دنيا ۾ انسانيت پڄاڻان يا مابعد انسان جو تصور اڀري رھيو آھي،  جيڪو نوجوانن لاءِ نون مسئلن ۽ للڪارن  کي پيش ڪري ٿو. مابعد انسان وارو دور هڪ نئين دنيا جو تصور پيش ڪري ٿو جتي انسانن ۽ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾  موجود حدون چٽيون نه اھن پر گھڻيون ڦھليل آھن تنھنڪري شڪ اھو آھي ته ٽيڪنالاجي انسانن تي حاوي ٿي ويندي. ان لاءِ اسٽيفن ھاڪنگ به چيو ھو ته مستقبل جي جنگ ڏاھپ ۽ ٽيڪنالاجي وچ ۾ ھوندي، ڏسون ته ڏاھپ ان جنگ کي ڪيئن کٽي ٿي؟  ان لاءِ نوجوانن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجين جهڙوڪ مصنوعي ذهانت، مشين سکيا يا مشين لرننگ، ۽ آگمينٽيڊ ريئلٽي، ورچوئل ريئلٽي ۽ ڪمپيوٽر ويزن وغيرھ وارين ٽيڪنالاجين ۾ مھارت حاصل ڪن ته جيئن مستقبل جي دنيا سان گڏ ھلي سگھن ۽ ايندڙ دنيا ۽ ٽيڪنالاجي جو مقابلو ڪري سگھن. اھڙي قسم جي ڪوششن ذريعي ئي نوجوان نسل پنھنجي زندگي ۽ سماج جي بھتريءَ ۾ بامعني ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

موسمياتي تبديلي ۽ سماجي عدم مساوات جي چئلينجن يا للڪارن ۾  نوجوانن جي فعال شموليت جي ضرورت آهي. نوجوانن کي ماحولياتي طور تي پائيدار طريقن سان مشغول ھئڻ گهرجي، سماجي مسئلن يا ڪازز جي حمايت ڪرڻ، ۽ مثبت تبديلي جي وڪالت ڪرڻ سان گڏ جدوجھد ڪرڻ گھرجي. اھڙي طرح، ڪميونٽي جي ترقي ۽ عالمي ڀلائي ۾ حصو وٺڻ صرف هڪ ذميواري نه آهي پر ذاتي ترقي جو هڪ موقعو آهي

تعليمي ۽ فني صلاحيتن کان علاوه، نوجوانن کي جذباتي ذهانت (اموشنل انٽيليجنس) جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان ذريعي اوھان ۾  پنھنجو پاڻ ۾  شعور پيدا ڪرڻ، ٻين سان همدردي ڪرڻ، ۽ موثر رابطي ڪرڻ جا ھنر پيدا ٿيندا جيڪي مضبوط رشتا پيدا ڪرڻ، پيشه ور دنيا کي نيويگيٽ ڪرڻ، ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ضروري آهن، دماغ کي سڪون ۾ رکڻ لاءِ مراقبو، عبادت يا ميڊيٽيشن ضروري آھي. انکانسواءِ، اوھان سير و تفريح وغيرھ به ڪري سگھو ٿا ته جيئن اوھان جو دماغ سڪون ۾ رھي. دماغ سڪون ۾ ھوندو ته اوھان نون خيالن کي جنم ڏيندا ۽ پنھنجو بھتر رستو ڳولھي سگھندا. تنھنڪري صرف ڪم ۽ ڪم ناھي ڪرڻو پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجي خاندان لاءِ وقت به ڪڍڻو آھي ته جيئن اوھان صحتمند ۽ تازا توانا رھو

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.