اليڪشن

زيد پيرزادو

تبديلي جا قسم

ڪيترائي ٿين

سٺي به ته بري به

بري تبديلي کي ووٽ نه ڏجو!

سچ جا ڪيترائي

حصا ٿيندا آهن

سڄو به ته اڌ به

اڌ سچ کي ووٽ نه ڏجو!

ايمانداري هڪ نه ٿيندي آهي

ڪن ۾ سو ڪن ۾ هزار ڪن ۾ لک

گهٽ ايماندارين وارن کي ووٽ نه ڏجو!

ڪارڪردگيءَ جو مقابلو

ٿيندو آهي

ڪنهن کان سٺي

ڪنهن کان خراب

جن جي ڪا ڪارڪردگي ئي نه هجي

اهڙي ڪارڪردگي کي ووٽ نه ڏجو!

خدمتون وقت سان

تعلق رکنديون آهن

ڪي مستقل ته ڪي موسمي

موسمي خدمتن کي ووٽ نه ڏجو!

سياستدانن جو روح

تقرير ۾ نه هوندو آهي

ڪردار ۾ ڳولبو آهي

تقريرن کي ووٽ نه ڏجو!

اليڪشن

بيٺل اميدوارن مان

بهتر اميدوار کي

چونڊڻ جو نالو آهي

فرشتن جي انتظار ۾

ووٽ جو بائڪاٽ نه ڪجو!

ننڍن ٺڳن مان بيزار ٿي

وڏن ٺڳن کي ووٽ نه ڪجو!!!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.