چئُه! جو توکي چوڻو آ……

عوام سان ڪيل واعدا ۽ ووٽرن جا پڇاڻا

8 فيبروي تي ملڪ ۾ قومي صوبائي اسمبلي جي اليڪشن ٿيڻ واري آھي، اميدوارن پاران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورڪ شروع ڪيو ويو آھي، ڪافي جڳھن تي اميدوارن کان ووٽرن پاران سخت پڇاڻو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيل واعدا ياد ڏياريا پيا وڃن، اسان وٽ ائين ئي ٿيندو رھيو آھي، اليڪشن کان پوءِ ڪافي اميدوار ميدان مان غائب ٿي ويندا آھي ۽ سندس ووٽر بنگلن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ماٺ ڪري گھر ويھي رھندا آھن، اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اميدوار اسلام آباد ۽ ڪراچي تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيندا آھن، ۽ ووٽرن کي مڪمل طرح سان وساري ڇڏيندا آھن، جڏھن ڪا اليڪشن ايندي آھي ته پنھنجي تڪ ۾ موٽي ايندا آھن ۽ سالن جون رھيل عذر خواھيون شروع ڪندا آھن ۽ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندا آھن، پر وقت گذرڻ سان گڏ ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ سنڌ جي عوام ڪافي باشعور ٿي چڪي آھي، ھو پنھنجي بري ڀلي جي مڪمل ڄاڻ رکي ٿي، جنھن ڪري ئي سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ اميدوارن کان سخت پڇاڻا ڪيا پيا وڃن، اسان جون سياسي پارٽيون ھجن يا آزاد اميدوار ھجن کين عوام جي دردن جو ڀر جھلو ٿيڻو پوندو.

ارشاد لغاري /چمبڙ

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.