ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، خالي پلاٽ مان هٿيار هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچيءَ جي علائقي لياري ۾ رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪري خالي پلاٽ مان هٿيار هٿ ڪري  ورتا آهن. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي ڪراچيءَ جي علائقي لياري جي جهان آباد ۾ خالي پلاٽ مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون، رينجرز ترجمان موجب، شروعاتي اطلاعن موجب هٿ آيل هٿيار لياري جي ڏوهاري ٽولي جي ڪمانڊر بلال ارشد عرف بلال پپو جا آهن جيڪي امڪاني طور تي وڳوڙي عنصرن طرفان ڪنهن به تخريبڪاري لاءِ استعمال ٿيڻا هئا، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل هٿيارن ۾ هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ رائفل، 7 نائن ايم ايم، 3 پسٽل، مختلف قسمن جون 243 گوليون ۽ 15 ميگزين شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.