ڇا ”هو“ مختلف آهي؟

تحرير: سهيل وڙائچ

هن سان ملڻ وارا سڀ چون ٿا ته هو ماضيءَ جي سڀني ماڻهن کان مختلف آهي. صحافين کي ھن تائين سڌو سنئون رسائي نه آهي، پر ان سان ملندڙن جا اڻ سڌي طرح تاثر اسان تائين پهچندا رهندا آهن.اڃان تائين ھن سان سڌو سنئون ملڻ ۽ ٻڌڻ جو اتفاق نه ٿيو آهي، پر صحافتي تجسس مجبور ڪري ٿو ته ھن بابت وڌ کان وڌ ڄاڻجي،ان ڳالھه جي جو پتو ڪريون تھ ھن جا خيال ڪھڙا آھن ۽ ھو ڪھڙو پاڪستان چاھي ٿو ؟  جنرل باجوه سان تھ شروع ۾ ٻن ٽن ملاقاتن جو موقعو ملي ويو ھو، سو مون ”باجوه ڊاڪٽرائين “ جي عنوان سان هڪ مضمون لکي ڇڏيو ھو، جنهن تي، مونکي  بلاول ڀٽو ٻڌايو ته ھو، اهو مضمون پڙهي ڪري  جنرل باجوه جي ارادن کان واقف ٿي ويو ھو. ھو، 2018ع  جي اليڪشن مھم ان  مضمون کي سامهون رکندي  هلائي رھيا ھئا.

اها الڳ ڳالهه آهي ته باجوه ڊاڪٽرائن  جي شايع ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن تائين تھ ان وقت جي مقتدرا گھڻي خوس ٿي ھئي.پر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هوءَ ايتري ناراض ٿي وئي جو جنرل باجوه جي باقي ساڊن پنجن سال ھن سان هڪ به ملاقات ممڪن نھ ٿي سگھي.

هڪ انتهائي اهم ذريعي جنرل مشرف  ۽ ھن جي ڀيٽ ڪندي ٻڌايو ته جنهن ڏينهن جنرل مشرف کي فوج جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، اھو تمام گهڻو شڪر گذار هو ۽ بار بار وزيراعظم کان پڇندو ھو تھ  مون کي حڪم ڏيو. وزيراعظم کيس چيو ته رڳو هڪ ڳالهه جو خيال رکو ته، اپوزيشن سان نه ملو، ڇو ته جڏهن آرمي چيف اپوزيشن سان ملندو آهي ته حڪومت غير مستحڪم ٿيڻ لڳندي آهي.

جنرل مشرف سر جھڪائي واعدو ڪيو ته هو اپوزيشن سان  بلڪل نه ملندو، پر هڪ مهيني کانپوءِ خبر پئي ته هن پهرين حامد ناصر چٺا سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ ڳجهي طرح سياسي اپوزيشن سان ملاقاتون شروع ڪيون. ساڳئي ذريعي جو چوڻ آهي ته ھي ان ڪري مختلف آهي ته، جڏهن صدر علوي ”ھن“ جي مقرري جي لاءِ  عمران خان وٽ لاھور آيو ته صدر علوي ”هن کي“  فون ڪيو ۽ اطلاع ڏنو تھ عمران خان اوھان جي مقرري تي اتفاق ڪيو آهي. پوءِ ” ھن کي“ مبارڪ ڏني ۽ اھو بھ چيو تھ ھي اچي عمران خان سان ڳالهايو.

 

”هن“ فوراً  چيو ته ،توهان پاڪستان جا صدر آهيو، توهان سان ڳالهائي سگهجي ٿو، مان ڪنهن به سياستدان سان نه ڳالهائيندس، منهنجو منصب ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي.ان ذريعي ٻڌايو تھ ان مثال مان ٻنهي جنرلن ۾ فرق واضح ٿي وڃي ٿو.

هڪ ٻئي اهم ذريعي ٻڌايو تھ ”هو“ ذاتي مشھوري کان پري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو هن سان پنھنجي تصوير لاڳائي ڇڏي ته ھن کي خراب لڳي ٿو. هو پنهنجي  مائٽن کي بھ فري ھينڊ نھ ڏنو آھي.پر انھن کي بھ چوندو آھي تھ  ڪو مطالبو نھ ڪجو، ھن کي پنھجي پراڻن ۽ ذاتي دوستن جي محفل پسند آھي. انهن سان ئي صلاح مشورو ڪندو آهي.

اھم ذريعي، جنرل راحيل شريف ۽ ”هن“ جو مقابلو ڪندي ٻڌايو ته ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جنرل راحيل شريف کي جنرل باجوا درشني جنرل سڏيندو ھو. جڏهن ته ان اهم ذريعي، ھن کي ڀورو بادشاهه قرار ڏنو، جيڪو بنا ڪنهن جنگ جي فيلڊ مارشل ٿيڻ جو خواھشمند ھو. چاهي ٿو. ان درشني جنرل هڪ ڀيري ترنگ ۾ اچي مارشل لا لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ٽرپل ون برگيڊ کي مارچنگ آرڊر پڻ ڏنا ويا. هن وقت تائين ٽي مختلف ذريعا، ان ڳجهي خبر جي تصديق ڪئي آهي. اها خبر ٻڌي ٽي حاضر سروس ميجر جنرل ڀوري بادشاه وٽ پھتا ۽ کيس منٿون ڪري قائل ڪرڻ بعد اتان اٿيا ۽ چيائون تھ اوھان اھي آرڊر واپس وٺو.جنھن تي ھن اھو حڪم واپس ورتو.مونکي ان ميجر جنرل سان بھ ملڻ جو اتفاق ٿيو جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل ٿي ويو ھو، جيڪو انهن ٽن ميجر جنرلن ۾ شامل هو، جن جنرل راحيل شريف کي مارشل لا لڳائڻ کان روڪيو ھو.

هڪ ذريعي ٻڌايو تھ ٻئي طرف اڄ آيل  جو رويو بلڪل مختلف آهي، ڪيترائي ڀيرا ايئن ٿيو تھ  ھن جي مشيرن چيو تھ ھاڻي ھن  بحران جو ان کانسواءِ ڪو حل ناھي تھ، يا تھ پي سي او لڳايو وڃي يا مارشل لا لڳائي وڃي.پر ھن ھي ڀيري چيو تھ ( اھو تھ ڪو آپشن ناهي )

ھن جا ملاقاتي ٻڌائين ٿا تھ اڄوڪو ……DODGY….ناھي ، هو جيڪو چوي ٿو اهو ئي ڪري ٿو، جڏهن ته جنرل باجوه چوندو ھڪڙي ھو ۽ ڪندو ٻي ھو. هڪ ذريعي مون کي ٻڌايو ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ جنرل باجوه تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سموري رٿابندي تي عمل ڪري رهيو هو ۽ ٻئي طرف اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف سان هن جي جي امڪاني نالن تي بحث ڪري رھيو ھو.ايتري تائين چيو ويو تھ ڊار صاحب کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو، تھ ان جاڪھڙا نتيجا نڪرندا ؟ جنرل باجوه جا ارادا ٻيا هئا ۽ هن چيو ڪجھه ٻيو پئي.

سياسي ذريعا، اهو به چون ٿا ته سياسي اڳواڻ جنرل باجوه سان ملاقاتن ڪندا هئا، سٺيون ملاقاتون ٿينديون هيون، مٺيون ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ سياستدان ٻئي ڏينهن گھر پھچندا ھئا تھ گرفتار ٿي  ويندا  ھئا.

اسحاق ڊار لنڊن ۾ مون کي ٻڌايو ته، نواز شريف جي حڪومت جي برطرفي کانپوءِ به جنرل باجوه ۽ جنرل فيض حميد ساڻس رابطي ۾ رهيا ۽ واعدا ڪندا رهيا ته سندس خلاف ڪيس ختم ٿي ويندا، پر اندر ۾ هميشه ھنن خلاف ڳالهائيندا ھئا.

اهو به ٻڌايو ويندو آھي  ته ”هو“ صاف،شفاف ۽ ايماندار آهي، جنرل ڪياني جيان نھ آھي جنهن جي ڀائرن تي دولت گڏ ڪرڻ جا الزام لڳندا هئا. اهو به چيو پيو وڃي ته سندن توجهه معيشت کي رستي تي آڻڻ آهي ۽ هو سمجهي ٿو نواز شريف جي حڪومت کي هٽائڻ جي غلطي سان ئي معيشت جو زوال شروع ٿيو.

آخر ۾، ماضي جي تجربن جي روشني ۾ تنقيدي تبصرو پڻ ضروري آهي.ديانداري جي حوالي سان جنرل يحيٰ خان جو ھي مثال ڏنو وڃي ٿو ته هن وٽ نئين ڪار خريد ڪرڻ لاءِ به پئسا نه هئا، هن ڪا به ملڪيت نه ٺاهي هئي پر هن اقتدار جي لالچ ۾ ملڪ کي ٻھ ٽڪر ٿيڻ ڏنو، اسان ھن جي ايمانداري کي ڏسون يا ھن جي ناقص فيصلن کي؟ مان سمجهان ٿو ته اسان کي ان وقت جي فيصلن کي  ڏسڻ گهرجي ها ۽ اڄ واري  جا بھ فيصلا ئي تاريخ ۾ سندس جاءِ طئي ڪندا.

ذاتي طور تي مان شروع کان ان راءِ جو آهيان ته جمهوري ۽ آئيني نقطه نگاهه کان فوج کي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، پر چاهي  جنرل ڪياني هجي يا جنرل باجوه يا وري جنرل راحيل شريف، اهي سڀ  پردي جي پٺيان سازشن ۾ ملوث رھيا.حميد گلن، پاشن ۽ ظهير الاسلامن کان اھو سڀ ڪجهه ڪير ڪرائيندو رهيو؟ فيض حميد جو نشانو ڪير ڪير ٿيا ؟ اڄ، پي ٽي آءِ ۽ ان جو سربراھ عتاب جو شڪار آهن.

تاريخ عمران خان کان تھ ھن جي غلطين جو حساب وٺي رهي آهي ۽ ان جو حساب وٺندي رهندي، پر ياد رهي ته ”هن“ کي به تاريخ ۾ پنهنجي غلطين جو جواب ڏيڻو پوندو، سھي آهي.”هو“ دسپلين جو سئو  سيڪڙو  پابند سھي. هن جي ايمانداري مستند سھي، هو مارشل لا جو مخالف سھي، هو پاڪستان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ جو خواهشمند سھي، پر اصل امتحان تھ اهو آهي تھ جڏهن ھو ويندو، ته پاڪستان سڀاڻي کان وڌيڪ متحد ھوندو يا ورهايل هوندو. ڇا ھو جڏھن رخصت ٿيندو تھ پاڪستاني معيشت مضبوط ھوندي يا اڳي کان وڌيڪ خراب ۽ سڀني کان آخري ڳالھه تھ ڇا ھن جا مخالف به سندس خدمت جو اعتراف ڪندا يا نه؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.