سعوديه اسرائيل سان اڃان به دوستي  چاھي ٿو ؟

سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ ھاڻي بھ لاڳاپا قائم ٿي سگھن ٿا. ھن وقت اھو سوال وچ اوڀر ۾ هلندڙ جنگ جي پس منظر ۾ اھم بڻجي ويو آھي.ماھرن جو خيال آھي تھ سعودي عرب خطي ۾ اڳواڻي ڪرڻ جو خواب عرصي  کان ڏسندو رھيو آھي.پر تازي حماس ۽ اسرائيل جنگ بعد اھو خواب جلدي پورو ٿيندي نظر نھ پيو اچي. ان ھوندي سعودي سفير جو چوڻ آھي تھ جنگ ختم ٿيڻ بعد سندن ملڪ اسرائيل سان لاڳاپا بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

برطانيا ۾ سعودي عرب جي سفير شهزادي خالد بن بندر چيو آهي ته سندس ملڪ غزه جنگ بعد لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو پر ڪنهن به ممڪن معاهدي جو نتيجو فلسطيني رياست جي قيام جي صورت ۾ ٿيڻ گهرجي.شهزادي خالد بن بندر بي بي سي کي ٻڌايو ته سعودي عرب 7 آڪٽوبر تي حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ جاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن.هن چيو ته سعودي عرب غزه ۾ ”افسوسناڪ“ جاني نقصان جي انگن اکرن باوجود اسرائيل سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ يقين رکي ٿو، پر اهو ”فلسطيني عوام جي  قيمت تي نه ٿيندو“. هن اهو پڻ چيو ته هو ان مسئلي تي برطانيه جي موقف کي وچٿرو ڏسڻ چاهين ٿا. ”برطانيه کي ”اسرائيل سان اهڙو ئي سلوڪ ڪرڻ گھرجي جھڙو اھو  ٻين ملڪن سان ورتاءُ ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ڪارروائين کي نظرانداز ڪرڻ سان امن جي قيام ۾ رڪاوٽ اچي ٿي.

ياد رهي ته سعودي عرب اسلامي دنيا جو رهبر آهي. سعودي عرب 1948 ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي اسرائيل جي وجود کي ڪڏهن به رسمي طور تي تسليم نه ڪيو آهي. بهرحال، ماهرن موجب، هاڻي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جو معاهدو اسرائيل ۽ سڄي دنيا لاءِ هڪ اهم پيش ھوندي.

سيپٽمبر جي آخر ۾ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان هڪ آمريڪي ٽيليويزن انٽرويو ۾ اعلان ڪيو ھو ته "هر روز اسان (سعودي عرب) هن معاهدي جي ويجهو ٿي رهيا آهيون.”ولي عهد اھو بھ چيو ھو تھ اھڙو ڪو بھ معاھدو  فلسطينين جي زندگي کي آسان بڻائڻ ھوندو.

ان بابت فلسطيني اڳواڻن جو موقف آهي ته  فلسطين جي آزاد رياست جي ڳالھه شامل نھ ھئڻ تي اھو رد ڪري ڇڏبو. ھلندڙ مهيني جي شروعات ۾ فلسطيني عملدارن چيو هو ته آمريڪا جي حمايت يافته سعودي، اسرائيل کي ڳالهين جي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي بدلي ۾ روڪ رقم ۽ والاريل علائقن جي ڪنٽرول جو مطالبو ڪري رھيا آھن.

سعودي ولي عهد سان ملاقات کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن صحافين کي ٻڌايو ته هن سعودي شهزادي سان اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ھن جو چوڻ ھو تھ سعودي عرب دلچسپي رکي ٿو.پر ان جي لاءِ غزا جو تڪرار ختم ٿيڻ گھرجي.ان ۾ اھو بھ چٽو ھوندو تھ فلسطيني رياست جو عملي رستو ھوندو.

ٻئي پاسي سعودي سفيرجو بيان ان ڳالھھ جي تصديق آھي.شھزادي خالد جو چوڻ آھي تھ اسان اڳيان وڌڻ چاھيون ٿا.حماس جو فلسطين  بابت معاھدي ۾ ڪيترو حصو ھوندو ، ان سوال جي جواب ۾ ھن جو چوڻ ھو تھ جڏهن پڇيو ويو ته ڇا هو حماس جو ان ڪھڙو حصو ھوند و، ان تي پرنس خالد چيو ته "ان بابت  گهڻي سوچڻ جي ضرورت آهي.”

شهزادي خالد خبردار ڪيو آهي ته جنگ جي نتيجي ۾ شدت پسندي وڌڻ جو خطرو آهي، ھي جنگ نه رڳو غزه ۾ هزارين شهرين جي موت جو سبب بڻي آهي، پر وڏي تباهي ۽ هڪ گهرو انساني بحران  پئدا ٿيو آھي.

هن چيو ته ٽن مهينن ۾ ٻنهي طرفن خاص طور تي اسرائيل طرفان اھڙو تشدد ڪيو ويو جنھن جو مثال نٿو ملي. مان نٿو سمجهان ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙو ڪجهه اڳ ڏٺو آهي. (ماڻهن جي مرڻ جو تعداد)  ڏاڍو افسوس جوڳو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.