آراڌني: واقعي به اهڙو ناول زبيده برواڻي ئي لکي سگهي ٿي!

تحرير: زرار پيرزادو

¨ زبيده برواڻي جو ناول ” آراڌني“ ڪيترن ئي حوالن سان ڇرڪائي وجهي ٿو.

¨ هن ناول جي ليکڪا کي اسان صرف  تحقيق ۽ سماج سڌارڪ جي نسبت سان ئي سڃاڻيندا هياسين پر اوچتو ئي اوچتو ناول نگار طور اڀري آيل سندس نالو، هن ناول ۾ ڏيکاريل سانجهيءَ جي پراسرار تاري جيان ادبي افق تي نروار ٿي چمڪي پيو آهي.

¨ هن ناول ۾ ڪا اهڙي عجيب ڪشش رکيل آهي جيڪا ان کي روايتي هوندي به غير روايتي بڻائي ڇڏي ٿي. هي ڪتاب ناول جون سڀ گهرجون پوريون ڪري ٿو پر پوءِ به ڪجهه نئون نئون لڳي ٿو. ڇو نئون نئون لڳي ٿو ان جو ضرور ڪو سبب آهي.

¨ تصوف ۽ منصور حلاج جي پسمنظر ۾ لکيل هن ناول جي ان لحاظ کان تمام گهڻي اهميت ۽ ضرورت آهي جو هي ڪتاب اڄ ۽ ايندڙ دور جي نئين نسل کي صوفي فڪر ۽ صوفي تاريخ کي سمجهڻ جو عظيم ڪارڻ بڻبو.

¨ ”آراڌني“ نالو ئي هن ناول کي کڻي پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪري ٿو. ان نالي ۾ ڪو اسرار آهي، تجسس آهي جيڪو ناول کڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو.

¨ آراڌني جي ڪردار کي ان جي ڄمڻ سان ئي پراسرار بڻايو ويو آهي ۽ ان  جي پراسراريت تيستائين ختم نٿي ٿئي جيستائين ناول جي آخري صفحي تائين نٿو رسجي. اها ئي ناول نگارا جي ڪاميابي آهي.

¨ ان ننڍڙيءَ جي ماءُ حليمان، هڪ صوفي بزرگ احمد شاهه وٽ وڃي کائنس اها ماجرا معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته هيءَ نينگري جڏهن کان ڄمي آهي تڏهن کان لڳاتار ڇو روئي رهي آهي؟ احمد شاهه ٻارڙيءَ کي پنهنجي هنج ۾ کڻي چئي ٿو ته ”امڙ حليمان! هن جو روئڻ واجب آهي. هيءَ پنهنجي وڻ کان ڪٽجي ڌار ٿي آئي آهي. هاڻي ان کي ڊگهو سفر ڪٽڻو آهي جيسين حبيبن سان پاڻ ملي تيسين درد بڻجي ئي جيئندي“.

¨ احمد شاهه جُهڪي ٻارڙيءَ جي ڪن ۾ اذان ڏئي پوءِ وڏي آواز سان پڪارڻ لڳا ”آراڌني“ آراڌني، آراڌني. اڄ کان هن ننڍڙي جو نالو ”آراڌني“ آهي.“

¨ اها آراڌني ڪير آهي، ڪهڙي وڻ کان ڪٽجي ڌار ٿي آهي ۽ کيس ڊگهو سفر ڇو ڪٽڻو آهي، ڇو درد بڻجي جيئندي رهندي تنهن مام کي سمجهڻ لاءِ هي ناول پڙهڻو پوندو.

¨ اهڙو ناول اهو ئي لکي سگهي ٿو جنهن کي صوفي ازم تي عبور هجي، تصوف جو ڳوڙهو اڀياس هجي، ان جي روح کي پاڻ ۾ اوتي سگهي، پاڻ منصوري خيال جو تسلسل هجي ۽ ان فڪر کي نئين دور جي ضرورت سمجهندو يا سمجهندي هجي.زبيده برواڻي صاحبه ان معيار تي مڪمل طور تي پورو لهي ٿي.

¨ جيتوڻيڪ تصوف ۽ منصور حلاج جي شخصيت تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن پر پوءِ به هي ناول  پنهنجي مزاج ۾ ان ڪري نئون نئون لڳي ٿو جو اهو اسان جي سنڌي ليکڪا زبيده برواڻيءَ لکيو آهي جنهن منصور حلاج جي فڪر ۾ سنڌي تصوف جو رنگ اوتي ڏيکاريو آهي.

¨ هن ناول جي مک ڪردار ”آراڌني“ جي وجود ۾ هڪ ”سنڌياڻي زبيده برواڻي“ جو روح وڌل آهي. سنڌ ۾ ڄمندڙ هر نياڻي آراڌني هوندي آهي جيڪا ڄمڻ سان ئي سراپا سور هوندي آهي.

¨ زبيده برواڻي، منصور حلاج جي فڪر جي پانڌيئڙي هئڻ باوجود ساڳي وقت پاڻ به اڄ جي سورمي آهي، سسئي، سهڻي ۽ مارئي آهي.

¨ هيءَ صوفي آهي، منصور حلاج جو تسلسل آهي. پر جيڪا ڳالهه کيس سڀني کان ممتاز ٿي بڻائي سا اها آهي ته هيءَ سنڌي صوفي عورت آهي جنهن جو درد، مرد صوفين کان ڪجهه سوايو آهي.

¨ آراڌني جنهن منصور جي ڳولها ۾ آهي جنهن منصوري وڻ کان ڪٽجي ڌار ٿي آهي سا آراڌني زبيده برواڻي پاڻ آهي ۽ منصور به زبيده پاڻ آهي. ”پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سور ها“

¨ ويجهڙ انور پيرزادي جي ورسي پروگرام ۾ زبيده برواڻيءَ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عورتن کي همٿائڻ لاءِ انور پيرزادي جهڙن ڪردارن جي شديد ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اڄ انور پيرزادو هجي ها ته وڏي فخر سان هي ناول هٿ ۾ کڻي سڀني کي ٻڌائي ها ته اهڙو ناول زبيده برواڻي ئي لکي سگهي ٿي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته زبيده برواڻي صاحبه جو اهو ڪمينٽ به سندس ناول وانگر ڪو اسرار ئي ٿو ڀائنجي ۽ ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهو ريمارڪ زبيده برواڻي جو نه پر انور پيرزادي جي ئي روح جو ڪو آواز هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.