عوام جي ترقي ۽ خوشحاليِءَ جي نعري کي کڻي عوام جو تاريخي استحصال ڪرڻ جو هنر، فن ۽ وسيع تجربو پاڪستان جي رياست کان وٺي سڀني نام نهاد وڏين پارٽين ۽ اُنهن جي ليڊرن وٽ موجود آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي شاندار انداز سان پڻ پيش ڪيو ويندو آهي. هن وقت ڇاڪاڻ ته چونڊن جي موسم آهي تنهن ڪري ان هنر ۽ فن جي مارڪيٽ متل آهي. هر پاسي عوام کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا پيغام پهچايا پيا وڃن. روز وڏين پارٽين جي ليڊرن ۽ اڳواڻن جا بيان اچن پيا ته بس رڳو ووٽ اسان جي پارٽيءَ کي ڏجو ۽ ڪامياب ٿي عوام جي اهڙي خدمت ڪنداسين جو گذريل پنجهتر سالن جا سڀ رڪارڊ ٽُٽي ويندا. تنهن ڪري اهڙي رڪارڊ کي قائم ڪرڻ لاءِ هن وقت نواز ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي ميدان ۾ لٿل آهن ۽ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ روز مختلف سياسي پارٽين ۽ ڌُرين سان ملاقاتون ڪري عوام کي ٻڌائي رهيا آهن ته، اسان کي صرف توهان جي ترقيءَ جو فڪر آهي، نه ته اقتدار اسان جي ضرورت ناهي.
اڃا اها گذريل ڏينهن جي ڳالهه آهي ته، عمران خان ۽ هن جي پارٽي تحريڪ انصاف عوام جي زندگيءَ ۾ تاريخي تبديليءَ لاءِ جيڪي اعلان، اشتهار ۽ پروپيگنڊا ڪئي، تنهن ذري گهٽ ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ”روٽي ڪپڙا ۽ مڪان“ ياد ڏياري ڇڏيو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، اٽو، لٽو ۽ اجهو نه ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ عوام کي مليو ۽ نه ئي عمران خان جي دور ۾. عمران خان جي دور ۾ ويتر عوام جا مسئلا گهٽجڻ جي بدران وڌي ويا ۽ عوام هڪڙي ٻيڻي عذاب ۾ اچي ويو .
مٿان وري پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي حڪومت آئي، تنهن ته عمران خان جي حڪومت جا مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ عوام مٿان وڌيڪ بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جو بار وجهي ڇڏيو. پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت ۾ ٻارنهن پارٽيون هيون. جنهن ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام (فضل الرحمان) ۽ ٻيون پارٽيون هيون. (ياد رهي ته عمران خان سان جي ڊي اي اقتدار ۾ اتحادي هئي) انهن سورنهن مهينن ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ وغيره زبردست فائدا ورتا. وزير اعظم شهباز شريف هو ته وري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو پر جيئن اهو اقتدار پورو ٿيو ۽ اوچتو اوچتو خبر پئي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ اختلاف ٿي پيا آهن ۽ هاڻي روز اهي اختلاف وڌندا پيا وڃن. جنهن وقت عمران خان اقتدار ۾ آيو، تڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪڙي ئي صفحي تي گڏ هئا ۽ پي ڊي ايم جهڙو اتحاد به ٺاهيائون ۽ وري گڏجي عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪيائون ۽ عمران خان کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍي پاڻ اچي اقتدار ۾ حصو پتي ڪري مزا ماڻيائون پر اوچتو انهن جي وچ ۾ اهڙا اختلاف ٿي پيا آهن جو هاڻي سڄو ڏينهن ميڊيا ۾ انهن وچ ۾ اختلافن تي بحث ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي گذريل سورنهن مهينن جي حڪومت پاران عوام لاءِ پيدا ڪيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي ۽ اهي نجي عوامي معاملا ۽ انهن کان پڇاڻو ڄڻ ته پس منظر ۾ هليو ويو آهي.
نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ هن وقت جيڪو صفا تاريخي اختلاف ۽ ناراضگي آهي، تنهن جو سڀ کان وڏو ۽ مکيه سبب پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ حڪومت ۾ وڏو حصو نه ملڻ آهي ۽ ان جي بدلي نواز ليگ کي گهڻو ڪُجهه نوازڻ آهي. تنهن ڪري پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري ايندڙ حڪومت ۾ وڏو حصو حاصل ڪجي. تنهن ڪري بلاول ڀٽو زرداري هر روز نواز شريف ۽ نواز ليگ خلاف ڪو نه ڪو بيان ڏئي ٿو ڇڏي.
هوڏانهن وري نواز ليگ سنڌ ۾ بشير ميمڻ جي قيادت ۾ جي ڊي اي ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪري پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي کي پڪ آهي ته سنڌ ۾ اها حڪومت ٺاهي ويندي، ڇو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ (جنهن مان 52713 ايڪڙ زمين سنڌ جي نگران حڪومت پهرين ڊسمبر تي ڏئي چڪي آهي) اسٽيبلشمينٽ کي سنڌ ۾ ”گرين پاڪستان“ يعني عوام دشمن زرعي انقلاب لاءِ لکين ايڪڙ زمين گهرجي جيڪا پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي ڏيڻ لاءِ راضي آهن. ياد رهي ته هيستائين پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي پاران سنڌ جي زمين وفاق کي ڏيڻ لاءِ هڪ به مذمتي بيان نه ڏنو آهي.
هن وقت نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ پاڻ ۾ صفا سڳا ڀائر لڳا پيا آهن. تنهن ڪري نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ جي پوري آشيرواد سان ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سان ملاقاتون ڪري چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ شهباز شريف ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري سان مليو. جي ڊي اي جي وفد ۾ اياز لطيف پليجو، زين شاهه، ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات کانپوءِ نواز ليگ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ پاران گڏجي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو. مطلب اهي سڀ گڏجي پيپلز پارٽي جي خلاف چونڊ وڙهندا ۽ وڏي ڪاميابي ملڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ حڪومت قائم ڪندا. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جيڪا گذريل پندرنهن سالن کان پيپلز پارٽي سان حڪومت ۾ شامل رهي آهي، جي يو آءِ جيڪا سنڌ ۾ گذريل سورنهن مهينن کان پيپلز پارٽي جي اتحادي هئي. نواز ليگ پڻ پيپلز پارٽي جي اتحادي هئي.
وڏي ڳالهه ته جي ڊي اي ۾ جيڪي به پارٽيون ۽ شخصيتون شامل آهن، تن مان موجوده پير پاڳارو ڄام صادق علي جي وزارت اعليٰ ۾ وزير رهي چڪو آهي ۽ ان کانپوءِ مخلتف وقتن ۾ سندس پارٽي خاص طور تي جنرل مشرف جي دور ۾ علي محمد مهر ۽ ارباب رحيم ٻئي ان جا نامزد وزيراعليٰ هئا، يعني فنڪشنل ليگ جنرل مشرف جي دور ۾ سڄي سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ هئي ۽ سنڌي عوام ان دور ۾ تمام گهڻو ڀوڳيو ۽ مٿان وري پيپلز پارٽي جا پندرنهن سال پڻ عوام لاءِ ڪنهن وڏي عذاب کان گهٽ نه رهيا آهن. ذوالفقار مرزا به مختلف وقتن تي حڪومت ۾ اهم عهدن تي رهيو آهي ۽ ايس يو پي ته جلال شاهه جي قيادت ۾ 1997ع ۾ نواز ليگ جي اتحادي رهي ۽ جلال شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسيپڪر ٿي مزا ماڻيا.
لڳي ٿو ته نواز ليگ پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ نه پر اقتدار (خاص طور تي وفاقي حڪومت) ۾ حصو پتي ڏيڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ مٿان دٻاءُ وجهي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي پيپلز پارٽي به سمجهي ٿي ته سنڌي عوام جي معدني ۽ معاشي وسيلن تي جيڪا عوام دشمني پيپلز پارٽي ڪري سگهي ٿي، اهڙي جي ڊي اي به ڪري سگهي ٿي. تنهن ڪري سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه مختلف اتحادن جي صورت ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي، جي ڊي اي، جي يو آءِ وغيره ڪري رهيا آهن، اهو صرف ئي صرف پنهنجي طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ عوام جي مفادن جي ڳالهه صرف ئي صرف هڪ نعرو آهي، جنهن کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ سڀ پنهنجا زور لڳائي رهيا آهن.