وقت کان اڳ ئي تڪراري بڻجي ويل چونڊ

تحرير: نثار لغاري

تحريڪ انصاف خط لکي آءِ ايم ايف سان چونڊن کان پوءِ  سندن معاشي رضامندي واري پاليسي تي اختلاف ڪري ڇڏيو اليڪشن کي مشڪوڪ تڪراري ڪري ڇڏيو ملڪي معاشي بحران شديد ٿيڻ جو خطرو  پيدا ٿيو آھي ،معاشي ايمرجنسي لڳائڻ ۽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جا  اسلام آباد ۾ افواهه گردش ڪرڻ لڳا. بلوچن جي گم ٿيل ماڻھن بابت جدوجهد عالمي اهميت اختيار ڪرڻ لڳي آ هن جي حل ۾ مسلسل ڊيڊ لاڪ وڌڻ لڳو. مجموعي طرح موجود بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آھي، چونڊ عمل تي اٿندڙ سوال؛ ”چونڊون تڪراري ٿيون ته نقصان سڀني جو ٿيندو“

پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ئي سياسي اڳواڻن ۽ صحافتي حلقن پاران ان جي تڪراري ٿيڻ جا خدشا ڏيکاريا پيا وڃن.چونڊ عمل جي شروعاتي مرحلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي سميت ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ان جي ساک بابت سوال اٿاري رهيون آهن.پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته عمران خان سميت سندن 90 سيڪڙو مرڪزي اڳواڻن جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.پي ٽي آءِ الزام هنيو آهي ته چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ريٽرننگ آفيسر، نگران حڪومت، پوليس ۽ اليڪشن ڪميشن سندن سياسي مخالف نواز شريف کي سهولتڪاري ڏئي رهيا آهن.مبصرن جو چوڻ آهي ته چونڊن کان اڳ ئي لڳي ٿو ته چونڊ نتيجن کي تسليم نه ڪيو ويندو ۽ چونڊون تڪراري بڻجي وينديون.

جڏهن ته نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊون تڪراري ٿيڻ جي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا باور ڪرائيندو رھندو آهي ته چونڊون شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو.نگران حڪومت  به چوندي رهندي آهي ته آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون.وڌيڪ تڪرار سامھون اچڻ جو انديشو اهڙي صورتحال ۾ سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا ايندڙ چونڊن جا نتيجا تڪراري ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ ان جا ملڪ ۽ سياست تي ڪهڙا اثر پوندا؟

صحافي ۽ تجزيه نگار افتخار احمد جو چوڻ آهي ته صاف نظر اچي رھيو آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون تڪراري بڻجي وينديون ۽ هڪ پارٽي ان جا نتيجا قبول نه ڪندي.هن چيو ته هڪ پارٽي جا اڳواڻ کلي عام چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن چونڊ نتيجا سندن حق ۾ نه آيا ته هو پنھنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا.

صحافي زاهد حسين جو چوڻ آهي ته چونڊن کان اڳ ئي اھا تڪراري بڻيل آهي ۽ هڪ پارٽي کي برابر جو ماحول نه ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جو هڪ مثال اهو به  آهي ته ھڪ مخصوص پارٽي جي سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ بعد ۾ ساڳيا اڳواڻ پنهنجي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿا.زاهد حسين موجب انهن سببن جي بنياد تي چونڊن جي ساک تي اڳ ۾ ئي سوال اٿاريا پيا وڃن ۽ چونڊن وارن ڏينهن ۾ وڌيڪ تڪرار سامهون ايندا.

چونڊ عمل جي شفافيت جو جائزو وٺندڙ تنظيم فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) جي ترجمان مدثر رضوي جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل تي سوال ان ڪري آهن ڇو ته اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ  مقرر مدي اندرچونڊون نه ٿيون ھيون ۽ ھاڻي به  چونڊن جي تاريخ سپريم ڪورٽ ڏياري آھي.هن چيو ته ان پس منظر سبب ماڻهن جي ذهنن ۾ مونجهاراپيدا ٿين پيا،  ۽ هوڪڏهن انھن حقيقتن سبب يا ڪڏھن اڻ تصديق ٿيل معلومات جي بنياد تي چونڊ عمل تي سوال اٿارين ٿا.مدثر رضوي چيو ته ماضي ۾ اليڪشن کي چونڊ جي عمل مڪمل ٿيڻ ۽ نتيجن جو اعلان ٿيڻ کان اڳ  چئلينج نه ڪيو ويندو ھو.جڏهن ته سندس چوڻ آهي ته عام طور تي سياسي پارٽين جو رياستي ادارن ۽ اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي رھي آهي، جنهن سبب چونڊن تي سوال اٿاريا پيا وڃن.

پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن به اليڪشن ڪميشن تي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪندي اليڪشن ڪميشن جي چونڊ طريقي ڪار، تڪ بندين ۽ سيٽن جي ورڇ تي سوال اٿاريا ھئا.وڪيلن جي انهن نمائنده  تنظيمن عام چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ھڪجھڙاموقعا ڏيڻ تي به زور ڏنوآھي.”جيڪڏهن چونڊون تڪراري ٿيون ته سڀني کي نقصان ٿيندو“

مبصر اھڙن خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن ته چونڊ عمل تڪراري ٿيڻ سان ملڪ ۾ سياسي بگاڙپيدا ٿيندو جنهن جا پاڪستان ۾ جمهوريت تي گھرا اثر ٿي سگهن ٿا.تجزيه نگار افتخار احمد جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته چونڊن کي ڄاڻي واڻي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو نقصان ڪنهن به ھڪ سياسي جماعت کي نه پر سڀني کي پهچندو.هن چيو ته چونڊن کانپوءِ  ٺهندڙ حڪومت کي پنهنجي شروعاتي دور ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ جوهڪ پارٽي چونڊ نتيجن کي قبول نه ڪندي ۽ حڪومت کي هلڻ به  نه ڏيندي.زاهد حسين چيو ته چونڊن جو مقصد هڪ نمائنده حڪومت قائم ڪرڻ ھوندوآهي، جيڪا پنهنجي منشور تي عمل ڪندي عوام جي امنگن کي پورو ڪري سگھي.تنهن هوندي به هن جو چوڻ آهي ته تڪراري چونڊن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومت تي سوال اٿندا ۽ اھا پنھنجي  ساک نه هئڻ سبب پائيدار حڪومت ثابت نه ٿي سگھندي.

مدثر رضوي موجب جيڪڏهن سموريون سياسي پارٽيون چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن ته اهو هڪ قسم جي اعتماد جو اظهار آهي جيڪو چونڊ عمل کي بنيادي ساک فراهم ڪري ٿو.سندس چوڻ آهي ته سياسي پارٽيون چونڊن کان اڳ اعتراض اٿارينديون رهنديون آهن پر چونڊن جا نتيجا اچڻ کانپوءِ  ئي انهن خدشن جي صحيح يا غلط ھئڻ بابت حتمي راءِ ڏئي سگھبي. هن وقت تائين اليڪشن بابت اڳ ۾ ئي تڪراري صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي

پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ئي سياسي اڳواڻن ۽ صحافتي حلقن پاران ان جي تڪراري ٿيڻ جا خدشا ڏيکاريا پيا وڃن.چونڊ عمل جي شروعاتي مرحلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي سميت ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ان جي ساک بابت سوال اٿاري رهيون آهن.پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته عمران خان سميت سندن 90 سيڪڙو مرڪزي اڳواڻن جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.