رات جي وڳڙي ۾ جڳمڳائيندڙ ستارن سان ڀريل آسمان کي تڪيندي پاڻ کان سوال ڪريو ته ”ڇا اسان هن وشال ڪائنات ۾ واقعي هيکلا آهيون؟“
يقينن، ائين نه آهي.
اربين ٻين ماڳن تي پکڙيل هن اجهاگ سمنڊ ۾ ڌرتي رڳو هڪ ننڍڙو هنڌ آهي، نيٺ اسان ان ۾ اڪيلي مخلوق ڪيئن ٿي سگهون ٿا؟
ته پو، اسان ڌرتي کان ٻاهر واري زندگي بابت ڇا ڄاڻو ٿا؟
ڪيئي ماهرن جو چوڻ آهي ته خلائي مخلوق جي موجودگي جي حوالي سان جوڳا ثبوت نه هئڻ باوجود به اسان اهو نتيجو ڪڍون ٿا ته اهي موجود آهن.
اسان جي پنهنجي ڪهڪشان، ڪائنات، اٽڪل ٻه سئو ارب ڪهڪشائن مان هڪ آهي ۽ ان ۾ ٽي سئو ارب کان وڌيڪ ستارا موجود آهن.
اسان جو پنهنجو ستارو، يعني سج، ڌرتي تي زندگي جو سڀ کان اهم ذريعو آهي.
۽ سائنسدان مستقل انهن ستارن جي چوڌاري ڦرندڙ سيارن کي دريافت ڪري رهيا آهن، جن کي ”ايگزو پلينٽ“ چيو ويندو آهي.
جيڪا ٽيڪنالاجي اسان وٽ موجود آهي، ان جي مدد سان اسان انهن ايگزو پلينٽس جو تفصيلي معائنو/مطالعو ڪري سگهون ٿا.
سائنسدان طاقتور دوربين ذريعي اهڙين فلڪياتي شين جو جائزو وٺي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي ستارن جي چوڌاري چڪر ڪاٽي رهيون آهن، ته جيئن انهن مان گذرندڙ تارن جي روشني جي ڪيميائي جوڙجڪ کي پرکي سگهن. ان کي سائنسي ٻولي ”اسپيڪٽروسڪوپي“ سڏيو ويندو آهي.
انهن سڀني کان اهم شئي اها آهي ته ان عمل ذريعي ڌرتي سان ملندڙ جلندڙ ڪيميائي ساخت کي ڳوليو وڃي، جنهن جو مطلب آهي ته ڌرتي جهڙو ماحول ڪنهن ٻئي هنڌ به موجود آهي، شايد هزارين نوري سال ڏور، جتي ممڪن آهي اسان جهڙي زندگي جا آثار موجود هن.
ان ڏس ۾ ملندڙ اشارا اتساهيندڙ آهن.
برطانيا ۾ ”يونيورسٽي آف مانچيسٽر“ ۾ اسٽروفزڪس جي پروفيسر ٽِم اوبرائن جو چوڻ آهي ته” اسان سوين امڪاني طور رهڻ جوڳن سيارن بابت ڄاڻون ٿا، اسان پڪ سان ايندڙ ڏهاڪي يا ان کان وڌيڪ عرصي اندر هڪ اهڙو سيارو ڳولي وٺنداسين، جتي امڪاني طور زندگي جا آثار موجود هوندا.“
جيڪڏهن ڪائنات ۾ اسان اڪيلا نه آهيون ته ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته خلائي مخلوق اسان جي ڌرتي جو دورو ڪندي؟
اهو هڪ ڏکيو معاملو آهي، ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ گهڻو ڏکيو آهي ته زندگي جي ڪا به صورت ان مقام تي ناهي پهتي، جو اها ستارن جي وچ ۾ سفر ڪري سگهي.
پر اسان ٻڌائي سگهون ٿا ته ائين اڃا تائين ڇو ناهي ٿيو؟
خلائي سائنسدان ڊاڪٽر ميگي ايڊرين پوڪاڪ موجب، ”اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ زندگي جو رڳو هڪ مثال موجود آهي ۽ اها اسان جي پنهنجي سياري تي ان جي موجودگي آهي.“
پر اهو به سچ آهي ته اسان وٽ ڪائنات ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ جو بليو پرنٽ نه آهي.
مثال طور، ڊاڪٽر پوڪاڪ جو چوڻ آهي ته”جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي ستاري جي ويجهو رهو ٿا جيڪو گهڻو سرگرم آهي، ته توهان سطح جي هيٺان رهي سگهو ٿا، ان جو مطلب اهو ناهي ته اتي زندگي جا آثار نه آهن، پر توهان وٽ ترسيل جا ذريعا نه هوندا، ڇو ته توهان سطح جي هيٺان رهو ٿا.“
پروفيسر اوبرائن موجب، اسان اٽڪل 1960 کان اهڙي مخلوق جي سنگلز کي ٻڌڻ لاءِ ريڊيو دوربينون استعمال ڪري رهيا آهيون.
پر ڪيترا ٻيا به مختلف طريقا آهن، جن ۾ لائيف فارم (ڪائي به زنده شيءِ) سنگل اُماڻي سگهي ٿي.
ايستائين جو جيڪڏهن اسان ڪائنات ۾ موجود ٻين زندگين جي آثارن سان گڏ هڪ سطح تي به هونداسين، ته اسان جي وچ ۾ موجود ڊگهي فاصلي جو مطلب آهي ته پيغامن جي پهچ ۽ وري ان جو جواب ڏيڻ ۾ هزارين سال لڳي سگهن ٿا (ان حوالي سان ائين سوچيو، ته ماضي ۾ خط ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هاڻي ناممڪن حد تائين سست لڳندي).
يونيورسٽي آف ڪيلفورنيا ۾ شروع ٿيندڙ هڪ نئين پروجيڪٽ ”بريڪ ٿرو ليسن“ جي مدد سان سائنسدان ويجهو ترين موجود ڏهه لک ستارن کي ڳولي رهيا آهن، جتي ڌرتي تي واپس پيغام موڪلي سگهجن.
هو اهڙن ستارن کي پڻ ڏسي رهيا آهن جيڪي اسان جي ڪهڪشان کان پنجويهه هزار نوري سال پري آهن، جنهن جو مطلب آهي ته انهن ستارن مان ڪنهن هڪ جي طرفان به موڪليل پيغام کي اسان تائين پهچڻ ۾ اٽڪل 25,000 سال جو سفر ڪرڻو پوندو.
هاڻي جيڪڏهن خلائي مخلوق موجود آهي ته اسان کي ان طرفان ڪو پيغام ملڻ يا ان سان رابطو قائم ٿيڻ ۾ هزارين ورهيه لڳي سگهن ٿا.
ڌرتي تي زندگي جا آثار 3 ڏهائي 5 سالن کان موجود آهن، پر جديد انسان اٽڪل 300000 سال کان ئي موجود آهن، ۽ جئين ته تهذيبون تيزي سان غائب ٿي سگهن ٿيون، تنهنڪري خلائي مخلوق سان رابطي جو وقت به گهڻو محدود آهي.
اسان قطعي طور تي اهو نه ٿا ڄاڻون ته ڇا خلائي مخلوق ڪڏهن اسان جي سياري تي آئي هئي، پر جيڪا شيءِ اسان يقين سان چئي سگهون ٿا، سا اها آهي ته شايد هو ان وقت نه آيا هوندا جڏهن انسان هن ڌرتي تي موجود هئا.
ڊاڪٽر ايڊرين پوڪاڪ جو چوڻ آهي ”شايد هو گهڻو اڳ هتي آيا هئا، يا وري مستقبل ۾ ايندا، انساني زندگي ختم ٿيڻ کان گهڻو پوءِ.“
هن سڄي بحث مان اِهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته شايد ڊائنوسارز خلائي مخلوق جي ميزباني ڪئي هئي، پر اسان شايد ڪڏهن به ان بابت نه ڄاڻي سگهنداسين.
بي بي سي جي ٿورن سان