مائڪروسافٽ پنهنجي پهرين مصنوعي ڏاهپ(آرٽيفيشل انٽيليجنس/اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ٽيڪسٽ ٽو اِميج جنريٽر ماءِ اِميج ون متعارف ڪرائي ڇڏيو .
هي اي آءِ اِميج جنريٽر اوزار مائڪروسافٽ پاڻ ڊزائين ۽ تيار ڪيو آهي.
ظاهر طور مائڪروسافٽ پنهنجي ڀائيواري ڪمپني اوپن اي آءِ تي دارومدار گهٽائي رهيو آهي.
تازو ئي مائڪروسافٽ پاڻمرادو تيار ڪيل پهرين اي آءِ ماڊلز جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي اِميج جنريٽر اکي ن سفر جي نئين وک قرار ڏنو پيو وڃي.
مائڪروسافٽ جو چوڻ آهي ته هن تخليقي پروفيشنلز جي فيڊ بيڪ جي مدد سان اي آءِ اِميج جنريٽر تيار ڪيو آهي.
ڪمپني موجب، ماءِ اِميج ون فوٽو ريئلسٽڪ تصوير سازي، جهڙوڪ روشني، لينڊ اسڪيپ ۽ ٻين جزن ۾ مهارت حاصل ڪري چڪو آهي.
حقيقت ۾ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هي ٽول واهپيدارن جي درخواستن تي وڌيڪ تيزي سان تصويرون تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
مائي اِميج ون مائڪروسافٽ جي ٻين اي آءِ پراڊڪٽس جهڙوڪ ماءِ وائس ون اي آءِ ۽ چيٽ بوٽ ماءِ پريويو ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ڪمپني شروع ۾ اوپن اي آءِ ۾ سيڙپڪاري ڪئي هئي، پر وقت سان گڏ ٻنهي ڪمپنين جو تعلق وڌيڪ پيچيده ٿي ويو.
تازو مائڪروسافٽ مائڪروسافٽ 365 لاءِ Anthropic جي اي آءِ ماڊلز کي ڪجهه فيچرز لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته ڪمپني پاڻمرادو اي آءِ ماڊلز جي تياريءَ ۾ به وڏي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي،
هي نئون اِميج جنريٽر في الحال عام ماڻهن لاءِ دستياب نه آهي.
اوپن اَي آءِ کان پاسو، مائيڪرو سافٽ پاران پنهنجو تيار ڪيل اَي آءِ اميج جنريٽر ماڊل متعارف
You might also like