اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ اڊيالا جيل جي هڪ قيدي درخواست داخل ڪندي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي برابر سهولتون فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
درخواستگذار محمد عرفان موقف اختيار ڪيو آهي ته مان قتل جي ڪيس ۾ 25 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهيان، جيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا سپيريئر ڪلاس سهولتون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر هر ڀيري نظرانداز ڪيو ويو.
درخواستگذار چيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ خاص ۽ اعليٰ معيار جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ٻين قيدين کي اهڙو درجو ناهي ڏنو ويندو، عمران خان لاءِ نه رڳو بهتر رهائشي انتظام آهن پر کيس باقاعدگي سان ملاقاتن جي به اجازت حاصل آهي، جيڪا ٻين قيدين کي ناهي.
هن اپيل ڪئي ته انصاف جي گهرجن تحت کيس به اهي ئي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جيڪي عمران خان کي ڏنيون پيون وڃن.
درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، جيل سپرنٽينڊنٽ، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ گهرو کاتي کي ڌر بڻايو ويو آهي.
You might also like