مخدوم طالب الموليٰ جي شاعراڻي عظمت

تحرير: قائم سولنگي

سنڌ جي باڪمال شاعرن اهو چاهيو ته، هتان جي ماڻهن ۽ بني نوع انسانن کي اهو پيغام جيڪو مذهب جو روح ۽ سرچشمو آهي، پهچايو وڃي ته جيئن هو مذهب جي ٻاهرين ڏيک ويک جي تقليد جي بجاءِ اُن روح اُن پيغام جي ڄاڻ حاصل ڪري سگھن. جنهن لاءِ مذهب دنيا ۾ وجود ۾ آيا. اهو پيغام هو فلسفه وحدت الوجود  (وجودن جي اصليت ۾ هڪجھڙائي) جنهن انسان کي خود آگاهي سيکاري، ڀائپيءَ جو پيغام ڏنو ۽ انسان هٿان انسان جو استحصال قطعي ڏوهه ٺهرايو، مخدوم طالب المولى اُن پيغام انسانيت کي عبادت جو درجو ڏنو، جنهن ڪري قومن ۾ خودشناسي ۽ وطن دوستيءَ جو جذبو جاڳايو.

سنڌ جي ماڻهن جو مزاج جيئن ته، نثر جي نسبت شعر ڏانهن وڌيڪ مائل هو، هتان جي شاعرن سندن لوڪ ڪهاڻين کي به شعر ۾ بيان ڪيو. جنگي واقعن ۽ تبليغ لاءِ شعر کي موزون ڄاتو ويو. ”پرينءَ جو پَسڻ” ڪيڏو نه غور طلب تصور آهي، ڪامل انسان جي آخري منزل پرينءَ تائين پهچڻ ۽ پَسڻ آهي. مخدوم صاحب انهيءَ منزل کي ماڻڻ لاءِ اڻانگن امتحانن مان گذريو هوندو. اندر جي پيڙا کي پنهنجو ڪرڻ، سڪ سيني ۾ سانڍڻ، انتظار ۽ اوسيئڙا ڪرڻ جهڙا تاثر طالب مولا سائينءَ جي شعرن مان سمجھ ۾ اچن ٿا. پاڻ چاهت جو طوفان کڻي محبوب جو مشاهدو ماڻڻ لاءِ اکين کي اوجاڳا به ڏنا اٿن. سندن شاعريءَ کي غور سان مطالعو ڪبو ته، منجھس عالمگير انسانيت لاءِ اٿاهه پيغام آهي. جيئن سُخن چيو اٿن ته:

“راتيون ڪيم ڏينهن، ساريندي سڄڻ کي،

طالب مولا طلب جا، محبت وسايا مينهن،

نسنگ ڪيو نينهن، جڙيو جانب جيءَ ۾.”

 

اهو به سندن بيت آهي ته:

سپرين توکي سڪ مان، سڏيان ۽ ساريان،

ويٺو تنهنجون واٽڙيون، نِرمل نهاريان،

پرين پنهنجي پِرت کي، پل پل پُڪاريان،

هاريو ٿو هاريان، هنجون تنهنجي هِجر ۾.

 

مخدوم صاحب جا بيت سنڌي ادب جا جواهر آهن، جيڪو سنڌي زبان کي مليو آهي. اهي بيت معنوي انداز سان، ٻوليءَ جي رنگينيءَ جي لحاظ کان، گِرامر ۽ روزمره جي، زبان ۽ لحاظ کان سنڌي “بيت” جي صنف کي عظيم زبانن ۾ بيهاريو آهي.

رمزون ڏسبيون روح جون، پر روح به اَمَر الله،
پنهنجي حقيقت پاڻ ٿيو، منجھ وحدانيت واهه،
انهي بحر عميق کي، ووڙيندا ڇا واهه،
لاحد واري لڪ ڏي، رڙهي ٿو هي راهه،
انهيءَ کان آگاهه، طالب موليٰ ماٺ ۾.

انسان سراپا پيار ۽ امن جو دَڳ آهي. مخدوم طالب الموليٰ جن جا ملفوظات انفراديت جا آبدار موتي پکيڙي رهيا آهن، جيڪي گذريل اڌ صديءَ جي گُھرجن توڙي موجوده تقاضائن موافق آهن ۽ آئنده لاءِ به رهندا، جيئن هيءُ مشهور بيت اٿن ته:

“هردم ٻڌي هٿ، هلبو حبيبن سان،
طالب موليٰ نه ٿبو، لالڻ سان لٿ پَٿ،
ڪبي ڪهڙي ڪَت، ناهي جاءِ جواب جي.”

انسان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ سڃاڻي ته، “ڪين” جي لفظ سان روح جون ڪئي پريشانيون دور ٿين ٿيون. محبت کي ماڻڻ لاءِ نفرت کي “ڪين” سان ڪُهندو، پيار کي پنهنجو ڪرڻ ڪاڻ ڌڪار کي “ڪين” سان ڌڪا ڏئي ڪڍندو، تڪبر ۽ غرور کي “ڪين” ۾ غوطا ڏئي ۽ پوءِ ئي نهٺائي ۽ نِماڻائي حاصل ڪندو. هي تخيل غور طلب آهي ته:

 

“جو پري ناهي پساهه کان، تنهن واحد کي ئي وٺُ،
ڪڍي ڇڏ قلب مان، هستي وارو هٺُ،
طالب الموليٰ طلب ۾، ڪر ڪلمي سان ئي ڪٺ،
مَن مان ڪڍي مَٺَ، مولائي تون مرد ٿي.”

سندن ڪلام جو سنڌي ادب ۾ معيار مقرر ڪرڻ، موضوعن ۽ مضمونن جو جائزو وٺڻ کان علاوه سندن شاعريءَ ۾ لساني تجديد جو مطالعو ڪجي. محققن کي اهو به جگائي ٿو ته، مخدوم طالب الموليٰ جهڙي بُلند پايه شاعر کي هڪ اداري جي حيثيت ڏئي عوام جي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙو فڪرانگيز ڪلام جيڪو محبوب جي سِڪ سان ڀرپور آهي. جنهن ۾ لفظن جي  نغمگي جابجا آهي.

 

“عشق نه بيت المال جو ملي محتاجن کي،
عشق آهي اُن سندو جنهن ڪيو قرب ڪمال،
طالب الموليٰ طلب ۾، جو رکي خاص خيال،
جانب جو جمال، اهو ماڻيندو عشق سان.”

اهڙي طرح تصوف جي رنگ ۾ سندس ڪافين جا “ٿل”، مصراعون به اهو ئي رنگ ڏيکارين ٿيون. جيئن:

 

عجب عشق آهي، اسان جو الستي،
ڪڏهن بُت پرستي، ڪڏهن خود پرستي.
ڪڏهن تنهنجي در جو فقير آهيان،
ڪڏهن تنهنجو پرت ۾ پير آهيان.

مست الفت ۾ ڪيا ڪئين ورهه ويچارا هڻي،
پرت سان ڪهڙا پَڌر، ڌڪ درد دِل وارا هڻي.

مخدوم محمد زمان صاحب جي حياتيءَ ۾ مون (راقم الحروف) لاءِ اها عزت افزائي رهي ته، پاڻ اڪثر جن طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جي صدارت فرمايائون ته، انهن ڪيترن ئي نِشستن ۾ شريڪ رهيس. سخي ڄام ڏاتار تي مشاعرو هجي، هوسڙي، پٿورو، هالا توڙي ميرانپور ۾، اها به سندن اعليٰ ظرفي هئي جو پاڻ بعضي ڊاڪٽر يار محمد جنجهي، يا ولي سروريءَ ذريعي مونکي ميرپورخاص ۾ نياپو ڪري مدعو ڪندا هئا.

طالب الموليٰ سائينءَ جي شاعري جي اها وڏي ڪاميابي آهي جو سندن ڪافين ۽ غزلن مان اڪثر سِٽون، مصراعون، اشعار گفتگو ۽ ادبي تحريرن جا عنوان ۽ موضوع ٿي ويا آهن، هن محبت جي وڻجاري، لسانيات ۽ گرامر جي ماهر، راڳ جي وڏي ساڃاهه رکندڙ، اديب ۽ ناصح جا هونئن ته 24 کن ڪتاب ڇپايل آهن، البته جيڪي منهنجي مطالعي ۾ رهيا انهن ۾ ياد رفتگان(1955)، بي پير اکيون(1987)، ڇپر ۾ ڇڙيون(1971)، ڪافي بابت تحقيق، لغات سنڌي تحفظات(1991)، دلربا دلربا(1985) مرتب جميل الزمان، شانِ سروري(1962) مرتب محبوب سروري قابل ذڪر آهن.

هڪ ڀيري هالا ۾ سندن “ اَٺاس” بنگلي تي سيد صالح محمد عرف فتح خان سان گڏ وڃي، هن حليم ۽ شائسته گفتگو جي مالڪ اُن طالب الموليٰ سان ملاقات ٿي، جنهن شاعري ۾ ڪڏهن “بيوس” ته ڪڏهن “فراقي” جو تخلص به اختيار ڪيو هو. سندن حُسن اخلاق ۽ من مُهڻي صورت پَسي اطمينان ٿيو ته، پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رحه جا مسند نشين آهن، جنهن هستيءَ برصغير ۾ پهريون ڀيرو قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو مخدوم صاحب جي شاعرانه عظمت جو قائل ٿيڻو ٿو پوي جيئن پاڻ چيائون ته.

‘‘اسان لاءِ ڪافي فضيلت فقيري ،   ڪڏهن ڪم نه آهي مخدومي پيري’’

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.