لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن رپورٽ ۽ قانون جي گھرج

ملڪ ۾ مسنگ پرسنز جو ڪيس ذڪر ۾ اچڻ ان لحاظ کان بھتر ڳالهھ آھي تھ اھو آخر ڪار ملڪ جي عدالتن وٽ وري زير غور ايندو.ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ ھڪ انسان جي حياتيءَ کي اھميت ڏيندي ملڪ جي سڀني اختيارين کي ھن ڪيس کي اوليت ڏيندي، ان تي بحث ٿيڻ گھرجي ۽ ان جي سمورن پاسن کي ڏسندي ان جو عمل جوڳو حل ڳوليو وڃي،پر بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ لکيل آئين تي عمل نٿو ٿئي جنھن ڪري نھ رڳو ھي پر اھڙا ڪيترا ئي ڪيس آھن جن کي گھڻو اھم نھ سمجھيو ويندو آھي.

ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻھن جي لاءِ سرڪار پارن جوڙيل ڪميشن بھ آخر ڪاري پنھنجي جوڙيل رپورٽ آڏو آندي آھي،جنھن ۾ اچرج جھڙيون ڳالھيون بيان ڪيل آھن.مثال طور ڪيترن ئي مسنگ پرسنز ڪيسن ۾ پراوڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ باوجود انھن تي عمل نھ ٿيو آھي.اھڙي ريت اھا بھ عجب ڳالهھ آھي تھ 994 ماڻھون تحويل ۾ ۽ 644 ماڻھون جيلن ۾ آھن.بھرحال ان سلسلي ۾ جڏھن ملڪ جي قانون ۾ چٽي ھدايت موجود آھي تھ پوءِ ان جو حل ڇو نھ پيو نڪري؟

عدالتي حڪم تي مسنگ پرسنز ڪميشن سمورا تفصيل اٽارني جنرل وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا.مسنگ پرسنز ڪميشن جي رپورٽ موجب ڪي پي ڪي مان گم ٿيل ماڻهن جا سڀ کان وڌيڪ 3485 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪي پي مان شهرين جي گم ٿيڻ جو سبب بدامني ۽ ڊرون حملن ۾ فوتگيون آهن، جڏهن ته بلوچستان مان  شهرين جي جبري گمشدگي جا 2752 ڪيس رپورٽ ٿيا.994 ماڻھون تحويل ۾ آھن ۽ 644 ملڪ جي جيلن ۾ آھن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنگي حالتن ۾ ڪٽنب کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ پرڏيهه وڃڻ به جبري گمشدگين جو هڪ سبب آهي. رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهن کي پيش ڪرڻ لاءِ 744 پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا، جن مان رڳو 52 تي عمل ٿيو، ڪميشن پاران جاري ڪيل 692 پروڊڪشن آرڊرن تي لاڳاپيل اختيارين عمل نه ڪيو، پوليس ۽ حساس ادارن طرفان 182 پروڊڪشن آرڊرز تي نظرثاني جي درخواست ڏني وئي.جڏهن ته عمل ۾ نه ايندڙ پروڊڪشن آرڊرن مان 503 ڪي پي جا آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارچ 2011 کان ڊسمبر 2023 تائين 4413 گم ٿيل ماڻهو گهر واپس پهتا، 994 گم ٿيل ماڻهو مختلف تحويلي مرڪزن ۾ قيد آهن ۽ 644 گم ٿيل ماڻهو ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. رپورٽ موجب مارچ 2011ع کان ڊسمبر 2023ع تائين 261 گم ٿيل ماڻهن جا لاش مليا،ڪميشن 1477 ڪيسن کي جبري گمشدگي نه ڄاڻائي رد ڪيو، جيڪي ڪيس خارج ٿيڻا آهن اهي ڀتي عيوض اغوا، ذاتي دشمني يا پاڻمرادو گمشدگي جا ڪيس هئا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جا 260، سنڌ جا 163، ڪي پي ڪي جا 1336، بلوچستان جا 468، اسلام آباد جا 55 ۽ آزاد ڪشمير جا 15 ڪيس التوا ۾ آهن.

رپورٽ موجب گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ۾ مجموعي طور تي 35 آفيسر ۽ ملازم مقرر آهن، ڪميشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي ماهوار پگهار 15 لک کان وڌيڪ آهي، ڪميشن جي سربراهه جاويد اقبال 6 لک 74 هزار، ميمبر ضياءَ پرويز 8 لک 29 هزار جڏهن ته ڪميشن ميمبر امان الله خان 11 لک 39 هزار ۽ شريف ورڪ 2 لک 63 هزار رپيا ماهوار وٺندا آهن.

مسنگ پرسنز جي ڪميشن پاران سامھون آيل رپورٽ اڃان عدالت ۾ پيش ٿيڻي آھي،جنھن تي ملڪ ۾ لاڳو قانون موجب فيصلو تھ بھرحال عدالت کي ڪرڻو آھي،اسان گذارش ڪرڻ ٿا چاھيون تھ، انھن سمورن ماڻھن کي ملڪ جي عدالتن ۾ پيش ڪري انھن مٿان قانون موجب ڪيس ھلائي ڪري انھن سان سندن حيثيت موجب انصاف ڪيو وڃي. ملڪ جي قانون موجب ھڪ ملزم ڏوھ ثابت ٿيڻ تائين قانون جو لاڏلو پٽ ھوندو آھي،جنھن جو مطلب اھو آھي تھ ان تي لاڳو ڪيل الزام ثابت ٿيڻ تائين ھن جي سمورن انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ پڻ قانون جي ذميواري آھي.

توقع ڪجي ٿي تھ ملڪ جي عدليھ سميت سمورا اسٽيڪ ھولڊر ھن نازڪ ڪيس کي اھميت ڏيندي، ان جي مختلف پاسن تي غور ڪري ملڪ ۾ مسنگ پرسنز بابت موجود ڳڻتي جو احساس ڪندي ان کي بھتر ۽ قانون جي حدن ۾ اڪلائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندا.

  • سنڌ ۾ وچولي طبقي جي نمائندگيءَ جو سوال   

سنڌ جي سياست ۾ وچولي طبقي کي اھميت نھ ملڻ ڪري ملڪ جي اڪثر جماعتن وٽ بااثر خاندان ۽ وڏير،جاگيردار۽ سرمائيدار حاوي آھن.ھن وقت سنڌ ۾ سياست ڪندڙ جماعتن تي نظر وجھبي تھ پ پ پ اھڙي جماعت آھي جيڪا پان کي جمھوري جماعت چورائي ٿي. اھا بھ حقيقت آھي تھ ھاڻوڪين چونڊن ۾ بھ اڳي جيان سنڌ جي وڏن خاندان کي اھميت ڏني وئي آھي. جنھن ۾ ڪي ٿورا ئي اھڙا نمائندا ئي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ھوندا.

پ پ پ پاران ٽڪيٽن جي ڪيل ورڇ ۾ ضلعي ۾ پارٽي سان تعلق رکندڙ خاندانن جي ھڪ کان وڌيڪ ماڻھن کي ڪٿي ٻن تھ ڪٿي ٽن فردن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آھن.ھڪ وڏي ۽ جمھوري جماعت جي اھڙي روش جي ڪري اھو سوال سنڌ جي حلقن ۾ اٿي رھيو آھي تھ ڇا ان سان وچولي طبقي جو رستو روڪيو ويو آھي.سوال ھي پڻ آھي تھ ڇا انھن ضلعن ۾ ٻيا ڪي بھ اھڙي اميدوار نھ ھئا جيڪي پارٽي جي ٽڪيٽن حاصل ڪرڻ جي اھل ھجن يا وري ھٿ سان انھن کي اڳيان اچڻ نھ ڏنو ويو ؟

اھو درست آھي تھ پارٽي جو گڏيل فيصلو ئي عمل ۾ ايندو ۽ ان تي عمل جي لاءِ ورڪر پابند ھوندا، پر اھو ڪنھن بھ ريت ھڪ جموريت جي دعويٰ ڪندڙ پارٽي جي لاءِ ڪو بھتر سنوڻ نھ آھي.ان مان اھو تاثر ملي ٿو يا تھ پ پ وٽ انھن ورڪرن کي اھميت نھ آھي يا وري ان جماعت تي سنڌ جي خاص خاندانن جي ھڪ ھٽي آھي،جنھن جو ٻيو مطلب اھو ٿئي ٿو تھ اھا عام نھ پر خاص جي جماعت آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.