خيرپور جي اڳوڻي ضلعي ڪائونسلر جو مڙهه قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو ويو

پير وسڻ (رپورٽ: ساقي نديم شر) پيروسڻ ڀرسان اڪري چودڳي درگاھ خوش خيرمحمد هيسباڻي ۾ سال اڳ پنهنجي سئوٽن هٿان قتل ٿيل پيمراڊپٽي ڊائريڪٽر فقير لياقت هيسباڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي  ميت کي اباڻي قبرستان ۾ تدفين کان روڪيوويو، پيمرا ڊپٽي ڊائريڪٽر جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد هڪ ڏينهن اڳ فوت ٿيل فقير عنايت هيسباڻي جي ميت کي مست آباد قبرستان ۾ مرحوم فقيرلياقت جي وارثن دفن ڪرڻ نه ڏنو جنهن بعد ڪانڌي ميت واپس کڻي روانا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ مقتول ڊپٽي ڊائريڪٽر جا وارث تدفين لاءِ کوٽيل قبر ۾ ويهي رهيا۽قبر کي مٽي سان پوري ڇڏيو ۽ سلپون ٽوڙي ڇڏيون، ان موقعي تي دفنائڻ تي اعتراض ڪندڙ فوڊ کاتي جي ملازم فقير اڪرم علي هيسباڻي يوسي چيئرمين اڪري فقير ظفرهيسباڻي دانهيندي چيو ته پهريان اسان کي دفنايو پوءِ ڀلي اسان جي ڀاءُ جي قاتل کي دفنايو، منهنجي شهيد ڀاءُ جي قبر جي ڀرسان اسان جي ذاتي ملڪيت ۾ واقع قبرستان ۾ قاتل جي پيءُ کي دفن ڪرڻ ڪيئن ڏيون مقام ذاتي ملڪيت آهي ايس ايس پي خيرپور ڌر بڻجي زبردستي ميت دفنائڻ چاهي ٿوهنن دانهيندي چيوته اسان جو خانداني خوني تڪرار هلندڙ آهي شرارت ڪري هرو ڀرو کيس هتي دفن ڪرڻ چاهين ٿا قاتل ۽ مقتول جي قبر هڪ ئي جڳھ تي هجڻ سبب تڪرار وڌڻ جو خطرو موجود رهندو انڪري کيس ٻي هنڌ دفنايو وڃي، ٻي طرف مرحوم فقير عنايت علي هيسباڻي جي ڀاءُ  فقيرمدد علي هيسباڻي دانهيندي چيوته ذاتي تڪرار پنهنجي جاءِ تي پر ڀاءُ کي مقام ۾ دفنائڻ کان روڪڻ مذهبي ۽ اخلاقي سماجي قدرن جي نفي آهي مئلن سان ڪهڙا پاند پاڙبا آهن سئوٽن جي اهڙي روش تي ڏک پهتو آهي ڌرين ۾ تڪرار بعد ميت کي بناتدفين جي واپس ڪيوويو، اڳوڻي سپاف صدر ۽  اڳواڻي ضلي ڪائونسلر پ پ پ اڳواڻ فقير عنايت علي دل بيهڻ سبب فوت ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.