چونڊن ۾ امن امان بابت رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي: مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي نگران حڪومت ملڪ ۾ 8  فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن لاءِ چونڊن جي حوالي سان امن امان ۽ پولنگ جي تحفظ لاءِ پنهنجي ذميوارين نڀائڻ بابت منصوبا بندي شروع ڪري ڏني آهي. ان حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عام چونڊن ۾ هڪ لک 15 هزار پوليس اهلڪار اليڪشن ڊيوٽيون سر انجام ڏيندا،. وڏي وزير چيو ته  8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ پوليس اهلڪار 191 سيٽن تي امن امان برقرار رکڻ جا ذميوار هوندا جن ۾ قومي اسيمبلي جون 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون شامل آهن. ھن اها ڳالهه پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي پي اين اسٽاف ڪورس واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بعد وزير اعليٰ ھائوس ۾ ملندڙ وفد جي سوالن جا جواب ڏيندي چئي ھن چيو ته ڪراچي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا پيا وڃن ته جيئن صاف ٿيل ۽ صنعتي پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي جنهن سان سمنڊ جي پاڻي ۾ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت سمنڊ وٽ 1 لک مينگروز پوکيا آهن، اسٽاف ڪورس تقريب ۾ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار پاڪستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي درپيش اهم چئلينجن کي اجاڳر ڪندي چيو ته شهري علائقن خاص ڪري ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ لاقانونيت جهڙا اهم مسئلا آهن جڏهن ته دهشتگردي به هڪ چيلنج آهي پر انٽيليجنس جي بنياد تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي ان تي ضابطو آندو پيو وڃي. آءِ جي چيو ته پوليس ايندڙ عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ مڪمل تيار آهي،چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم تجويز ڏني ته خاص ڪري شهري اسٽريٽ ڪرائم بابت ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. هن جو خيال آهي ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي شروعات سان پوليس جي ٽيڪنيڪل صلاحيت ۾ واڌ سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. آءِ جي  وڌيڪ چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ 4 وڏا ڏوهاري ٽولا آهن جن ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ هني ٽريپنگ ذريعي جبري اغوا، هاءِ وي تي ڦرلٽ، قبائلي تڪرار ۽ اسمگلنگ شامل آهن. 2023ع دوران 261 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو جن مان سمورن اغوا ٿيلن کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرايو ويو ۽ اڃا تائين 16 اغوا آهن. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) شڪيل مڱڻيجو شرڪت ڪندڙن کي سنڌ صوبي جي ترقياتي پورٽ فوليو بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ وٽ وڏا وسيلا آهن جن ۾ 184 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا آهن جن مان 3300 ميگاواٽ بجلي، 2100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس، 8.049 ملين بيرل تيل، 1.862 ملين بيلز ڪپهه، 3.9 ايم ايم ٽن ڪڻڪ، 2.58 ملين ٽن چانور، 18.335 ملي ميٽر ڪمند، 46.2 ملين ڍور ۽ 57000 ڪلوميٽر روڊ رستن جو ڄار شامل آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن برگيڊيئر (ر) حارث نواز، مبين جماڻي، عمر سومرو، احمد شاهه، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو، آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار ۽ صوبائي سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي، جڏھن تھ وار ڪورس جي وفد جي اڳواڻي ڪمانڊنٽ نيوي وار ڪاليج ريئر ايڊمرل اظهر محمود ڪري رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.