ڪراچي(پ ر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سانگھڙ ۾ حر جماعت ، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻن ،ڪارڪنن ۽ ھمدردن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ،پنھنجي جاري بيان م سردار عبدالرحيم چيو ت پيپلزپارٽي سانگھڙ ۾ پنھنجي شڪست کي ڏسندي انتقامي ڪارروائين تي لھي آئي آھي ۽ پوليس کي پنھنجو نوڪر بڻائي ڇڏيو آهي،حر جماعت ، جي ڊي اي جي اڳواڻن،ڪارڪنن ۽ ھمدردن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ،اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت کي گھرجي ته پنھنجو دامن صاف رکندي پيپلزپارٽي ۽ سندس حوارين خلاف ڪاروائي ڪن،ھن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس کي پيپلز پارٽي جي بي ٽيم بڻائڻ بدران پوليس کي غير سياسي بڻايو وڃي.