نظرياتي سياست ختم، معيشت ۽ سيڪيورٽي وينٽي ليٽر تي آهن: اعجاز الحق

ڪراچي(رپورٽر) مسلم ليگ (ض) جي سربراهه اعجاز الحق چيو آهي ته پاڪستان ۾ نظرياتي سياست ختم ٿي چڪي آهي، معيشت ۽  سيڪيورٽي وينٽي ليٽر تي آهي.ڪراچي ۾ پاڪستان سينٽرل مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر فيصل نديم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعجاز الحق چيو ته اسان قومي اتحاد جي پليٽ فارم تي متحد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه پارٽين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، چارٽر آف ڊيموڪريسي جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي.اليڪشن کانپوءِ پي ڊي ايم ٽو ٻيهر قائم ٿي ويندي، پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان ملي ويو، مطلب ته خوشخبري شروع ٿي وئي آهي.هن جو چوڻ هو ته چيف جسٽس پراڻا ڪيس کولي رهيو آهي، انهن ڪيسن ۾ به انصاف فراهم ڪيو وڃي جتي محلات وڪرو ڪيا ويا ۽ سون هٿ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.