عمران خان کان 9 مئي جي ڪيسن بابت جيل ۾ پڇا ڳاڇا

راولپنڊي(م ڊ) 9 مئي واقعي جي ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کان جيل ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي. راولپنڊي پوليس 9 مئي جي 12  ڪيسن ۾ ملوث پي ٽي آءِ باني کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيل ذريعن موجب 12 جاچ آفيسرن جي ٽيم اڊيالا جيل ۾ عمران خان کان پڇا ڳاڇا ڪئي. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم پي ٽي آءِ باني کان اڍائي ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن کانپوءِ ٽيم جيل کان روانو ٿي وئي. راولپنڊي پوليس 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ ملوث پي ٽي آءِ باني کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

  • شرجيل ميمڻ جي فارمن خلاف شهري درخواست واپس وٺي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ۾ پي ايس 61 کان پيپلزپارٽي اميدوار شرجيل انعام ميمڻ جي فارمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اپيل داخل ڪرائيندڙ شهري اپيل واپس  وٺي ڇڏي، ٽربيونل معاملي کي اڪلائي ڇڏيو، ٽربيونل ۾ اليڪشن ڪميشن نمائندن چيو ته اپيل ڪرڻ واري جو تعلق پي ايس 65کان آهي، هن رٽرننگ آفيسر جي آڏو اعتراض نه ڪيو آهي، شرجيل مميڻ خلاف شهري انورعلي اپيل داخل ڪرائي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.