ڇا اوھان ڪڏھن اھو سوچيو آھي ته جيترا مسئلا اسان وٽ پيدا ٿيندا آھن، ايترا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نظر ڇو نٿا اچن؟ اھي ملڪ ترقي واري ڊوڙ ۾ اسان کان ايترو اڳتي ڇو نڪتل آھن؟ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته انھن سوالن جو جواب نھايت ئي سادو ۽ آسان آھي.
سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن جا حڪمران توڙي اتان جو عوام حقيقت پسند ھجڻ سان گڏ پنھنجي حدن ۾ رھي ٿو، ڪير ڪنھن جي معاملن ۾ مداخلت ۽ حق تلفي نٿو ڪري، جنھن سبب ڪنھن جو ڪنھن سان اختلاف پيدا ئي نٿو ٿئي. اتفاق سان جيڪڏھن ڪنھن کي ڪنھن سان ڪا شڪايت ٿيندي به آھي ته ان جو ازالو ڪيو ويندو آھي. جنگن ۽ جھيڙن جو بنياد پڻ اھو ئي آھي ته اسان پاڻ سان ٿيل زيادتي ۽ ٻين سان ڪيل ڏاڍ کي ھڪ ئي ساھمي ۾ ناھيون توريندا، جنھن جي نتيجي ۾ اسان مسئلن جي ور چڙھي دنيا کان گھڻو پوئتي رھجي ويندا آھيون. حقيقت پسند ٿيڻ دراصل مسئلن جو موت آھي ۽ ھتي ڪير به حقيقت پسند ٿيڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن جو مطلب اھو آھي ته ھتي ڪير به مسئلن جي خاتمي لاءِ سنجيده ناھي،
ان ڪارڻ ئي اسان وٽ مسئلا ختم ٿيڻ جي بدران ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن، جنھن جا ملڪي وقار، معيشت ۽ امن و امان جي صورتحال تي ناڪاري اثر پئجي رھيا آھن. ھوئنن ته پاڪستان ۾ ڪيئي مسئلا آھن، جنھن جو بنيادي ڪارڻ پنجاب جي ننڍن صوبن تي بالادستي آھي، جتي ننڍن قومن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو، کين پاڻي جو جائز حصو نٿو ملي ۽ سندن وسيلن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا. ننڍا صوبا جڏھن ان قسم جون شڪايتون ڪرڻ لڳا ته انھن جا خدشا ختم ڪرڻ جي بدران مٿن مختلف نوعيت جا الزام ھنيا ويا ۽ طاقت جو استعمال ڪيو ويو، نه رڳو ايترو پر پوري ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪيترن ئي ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو ويو.
گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ سندن وارث اڪثر احتجاج ڪندا رھن ٿا ۽ ملڪي تاريخ ۾ وڏا لانگ پڻ مارچ ڪيا ويا، جنھن ۾ پھريون پيادل مارچ ماما قدير بلوچ ڪيو، جيڪو ڪوئيٽا کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڪيو ويو ھو، جنھن سبب گم ٿيل ماڻھن جو مسئلو عالمي سطح تي اچي ويو ھو، پر گمشدگين وارو سلسلو رڪجڻ جي بدران اڃان تائين بدستور جاري آھي.
تازو تربت کان نڪتل بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو لانگ مارچ اسلام آباد پھتو ته سندن ڳالھيون ٻڌڻ ۽ جائز مطالبا مڃڻ جي بدران مٿن رات جي وڳڙي ۾ شيلنگ ۽ لٺبازي ڪري کين گرفتار ڪيو ويو، جنھن کان پوءِ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، تعجب جي ڳالھه اھا آھي ته اسلام آباد واقعي جي خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻھن تي پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته آرٽيڪل 17 ۽ 19 جي تحت ھر شھري کي پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق آھي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ تي ناصر منصور، الاهي بخش بڪڪ، سعيد بلوچ، وهاب بلوچ ۽ ٻين مٿان ايف آءِ آر ڪاٽي وئي.
بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ جي وزير جان اچڪزئي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته بلوچستان ۾ ڪير به لاپته ناھي ۽ مارچ دھشتگردن جي سھولتڪاري لاءِ ھو. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته مارچ ڪندڙ ماڻھن وٽ بلوچستان جو گورنر، فرحت الله بابر، سينيٽر مشتاق، حامد مير سميت ٻيا به ڪيئي سياسي سماجي شخصيتون وٽن يڪجھتي لاءِ پھتيون ھيون، ڇا اھي سڀ ماڻھون به دھشتگردن جا حامي آھن؟
ھڪ ذميدار ۽ اھم منصب تي ويٺل ڪنھن شخص جو ڏنل اھڙو غير ذميداراڻو بيان ٻرندي تي تيل ھارڻ جو ڪم ڪري سگھي ٿو، جڏھن ته حالتون ايتري قدر سنگين ٿي ويون آھن، جو اسان کي دکندڙ چڻنگ مان ڀڀڙ ٻارڻ نه پر ان کي اجھائڻ جي ضرورت آھي،
احتجاج ڪندڙن کي دھشتگردن جو سھولتڪار ۽ حامي سڏڻ دراصل انھن جي احساس محرومي وڌائڻ آھي. جڏهن ته اھا ڳالھه انساني حقن جا عالمي ادارا ۽ ميڊيا به تسليم ڪري چڪي آھي ته پاڪستان ۾ جبري گمشدگين جو معاملو شدت اختيار ڪري چڪو آھي جڏهن ته سپريم ڪورٽ سميت ملڪ جي ٻين عدالتن ۾ پڻ اھڙا ڪيس ھلندڙ آھن.
ملڪي استحڪام لاءِ ضروري آھي ته پنھنجا اندورني مسئلا ڳالھين وسيلي ختم ڪيا وڃن پر ان کان پھريان اسان جو حقيقت پسند ٿيڻ ضروري آھي، ان کان سواءِ بحران مان نڪرڻ جي ٻي ڪا به صورت ۽ واٽ نظر نٿي اچي.