فرانس ۾ ھندستاني مسافر جھاز کي روڪڻ جو اصل سبب سامھون نه آيو

فرانس ۾ روڪيل هندستاني مسافرن واري جھاز کي وڃڻ جي اجازت تھ ڏني وئي آھي پر اھو معاملو تاحال منجھيل آھي.

انساني اسمگلنگ جي شڪ  ۾ فرانس ۾ روڪيل جھاز ۾ ٽي سئو ھندستاني شهري سوار ھئا، جنھن کي روڪڻ بعد فرانس جي عدالت جھاز کaي راوني ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي.پر اھو واضح نھ آھي تھ نڪاراگوا ويندڙ اھو جھاز ھندوستان واپس ويندو يا نھ ؟

چيو ٿو وڃي تھ ھڪ ننڍو ھوائي جھاز گڏيل عرب امارات مان ٽي سئو ھندوستاني مسافرن کي کڻي نڪاراگوا وڃي رھيو ھو.خميس ڏينھن اھو جھاز جڏھن فرانس جي ننڍي ھوائي اڏي واتري تي تيل ڀرائڻ جي لاءِ لٿو تھ ھڪ گمنام اطلاع جي بنياد تي جھاز جي سمورن مسافرن کي تحويل ۾ ورتو ويو.شڪ ظاھر ڪيو ويو تھ انھن مسافرن ۾ انساني اسمگلنگ جا امڪاني متاثر بھ شامل آھن.

فرانسيسي اختيارين موجب سڀ کان ننڍي عمر جو  مسافر ھڪ 21 مهينن جو ٻار آهي، جڏهن ته انهن ۾ ڪيترائي نابالغ ٻار به شامل آهن. جهاز جي گرائونڊ ٿيڻ کان پوءِ انھن مسافرن کي پهريان ھڪ جهاز ۾ رکيو ويو پر پوءِ انهن کي ٽرمينل بلڊنگ منتقل ڪيو ويو.  مقامي اختيارين موجب، طبي عملي ۽ رضاڪارن مسافرن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون.

فرانس جي انصاف واري کاتي جي آفيسرن مسافرن کان ٻن ڏينهن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي. بعد ۾ آچر واري ڏينھن  فرانسيسي پراسيڪيوٽر جهاز کي رواني ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي مقامي اختيارين موجب جهاز روانو ٿي ويندو پر اهو نه ٻڌايو ته جهاز ڪيڏانهن ويندو ؟

نئين دهلي بھ ڪا ڄاڻ نه ڏني آهي تھ جهاز هندستان ڏانهن واپس اچي رهيو آهي يا نھ ؟

جهاز رومانيا جي چارٽرڊ ڪمپني ليجنڊ ايئر لائنز هلائي رهي آهي.

ڪمپني جي هڪ وڪيل ليليانا باڪيوڪو  ٻڌايو ته هن کي اميد آهي ته جهاز سومر تي ” وڌ کان وڌ امڪاني مسافرن سان“ هندستاني شهر ممبئي ڏانهن ويندو. هن چيو ته اٽڪل 280 مسافر فرانسيسي ايئرپورٽ تان روانا ٿي سگهن ٿا.

جھاز جي عملي جي 15 ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي،جنھن بعد کين آزاد ڪيو ويو،ايئرلائنز بھ ڪنھن انساني اسمگلنگ جي واقعي ۾ ملوث ھئڻ جي ڪردار کان انڪار ڪيو آھي. ٻئي پاسي فرانس ۾ ڀارتي سفارتخاني مسافرن کي قونصل خاني تائين رسائي ملي وئي آهي. صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ هندستاني مسافرن جي مدد لاءِ فرانسيسي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.

اختيارين چيو آھي  ته ٻن مسافرن کي تحويل ۾ ورتو ويو ھو  ته جئين ان ڳالھه جي تصديق ڪري سگھجي ته ڇا انهن جو ڪردار جهاز ۾ سوار ٻين ماڻھن کان مختلف هو ۽ ان جو مقصد ڇا هو.

اي ايف پي، ڪيس جي ويجهي ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ته ٻارنهن مسافرن سياسي پناهه جي درخواست ڪئي آهي.پراسيڪيوٽر ان سلسلي ۾ ڪو بھ تبصرو نه ڪيو.

ياد رهي ته هن سال ميڪسيڪو کان غير قانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ هندستانين جو انگ وڌيو آهي.هلندڙ سال 30 سيپٽمبر تائين جي رپورٽ موجب ميڪسيڪو کان غير قانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 41 هزار 7 سئو 7 ڀارتي شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آھي.اھو تعداد گذريل سال جي مقابلي ۾ بيڻو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.