رياست کي ھاڻي انتھاپسنديءَ جا ڪارخانا بند ڪرڻ گھرجن

دانشورن ۽ مفڪرن سماج ۾ اڻسھپ ۽ عدم رواداري وڌڻ جي لاءِ رياست کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. ھنن جو چوڻ ھو تھ ھٿ سان رياست مذھبي ۽ فرقي واريت کي ھوا ڏني.جنھن ڪري ھن وقت ويڇا وڌيڪ وڌيا آھن.دانشورن  ۽  اديبن چيو آھي تھ  انتھاپسندي جا ڪارخانھ ھلي رھيا آھن، رياست انھن کي ختم نٿي ڪرڻ چاھي.جنھن ڪري عدم برداشت، عدم رواداري ۽ انتھاپسندي کي ھٿي ملي آھي.نتيجي ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند لاڙو رکندڙ ماڻھن کي چٿيو ويو آھي.خودڪش بمبار جو مسئلو 40 سالن کان وڌيڪ جي محنت جو نتيجو آهن.اھڙا ويچار ھنن سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ خانھ بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ ھلندڙ نائين اياز ميلي ۾ ڪيو.ھو  مختلف موضوعن ۽ ڪتابن تي ٿيل  بحث دوران ڳالھائي رھيا ھئا.

پروگرام ۾  “سماجي تنگ نظري ۽ عدم رواداري” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي . جنھن ۾ افراسياب خٽڪ ڳالھائيندي چيو تھ ھر انساني معاشري ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي آهي، جديديت ۽ قدامت پسندي ۾ تڪرار رھندوآھي.

 ھن چيو تھ ورهاڱو مذهب جي نالي ٿيو، لاھور جي قرارداد ۾ رياستن جو ذڪر ھو، پر 49ع ۾ وري بنھھ مختلف موقف اختيار ڪري قرارداد آندي وئي. سندس چوڻ ھو تھ جڏھن افغانستان ۾ تبديلي اچڻ لڳي تھ ھتي مذھبي ماڻھن جو ڪردار وڌايو ويو. اھو سڀ ھڪ رٿابندي تحت ٿيو، رياست ان ۾ شامل رھي.

 دنيا جي سماجن ۾ انتھاپسندي ۽ دھشتگردي ايندي آھي، پر رياست جا ڪجھھ اھڙا حصا ھوندا آھن جيڪي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ ڪامياب به ٿيندا آھن، پر اسان وٽ انتھاپسندي رياست اندر داخل ٿي وئي آھي. 2014ع ۾ نيشنل ايڪشن پلان جڙيو، ان قت آئون پارليامينٽ ۾ ھوس ۽ ان ڪميٽي جو به حصو ھوس، پر اھو نيشنل ايڪشن پلان اڄ ڪٿي آھي؟

 ھن  جو چوڻ ھو تھ سماج ۾ اڻ سھپ پيدا ڪرڻ جي لاءِ رياست مداخلت ڪئي.ترقي پسند ماڻھو تقرير ڪري سگھن ٿا پر اھي نصاب نٿا ٺاھي سگھن. نصاب جنرل ضياءَ الحق ٺاھيو، افغان جنگ کان اڳ سڀ ڪجھھ ٿيندو رھيو، رياست ھڪ نيريٽو ٺاھيو، گھڻن ماڻھن ضياءَ جي دور ۾ مزاحمت ڪئي.ھن جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جيڪا پھرين حڪومت خيبرپختونخواھ جي حڪومت ڊاھي وئي.ھن چيو تھ پارليامينٽ بي توقير ٿيندي رهي آهي، عدليھ رات جو هڪڙو فيصلو ڏئي ٿي صبح جو جج لڏندا نظر اچن ٿا.

 نامياري دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته  عدم رواداري جا  ٽي  بنيادي سبب آھن. ھڪ جا بنياد رياست وڌا آھن، ٻيو سبب سماج جو پيدا ڪيل آھي ۽ ٽيون سبب ڪارپوريٽ سيڪٽر پئدا ڪيو آھي.

 ھن چيو تھ معاشري  ۾ اڻسھپ مذھبي عنصرن پکيڙي آھي، اهي اڻبرابري کي هٿي ڏين ٿا.سماج ۾ صنفي اڻبرابري پيدا ڪئي وئي آهي، غير سيڪيولر رياست ڀلي ڪهڙو بھ لباس پائي پر ان ۾ برابري نظر نٿي اچي سگھي.پاڪستان کي ٺاهڻ وقت چيو ويو هو تھ اھا سيڪيولر رياست هوندي، هر مذهب جا ماڻهو آزاد هوندا، پر اڄ ڏينھن تائين ايئن نھ ٿي سگھيو آھي. دنيا ۾ سيڪيولر رياستون ئي پرامن آهن، هتي رياست پاڻ  اڻسھپ ۽ انتهاپسندي وڌائڻ جو سبب بڻي آهي.

ھن چيو تھ ترقي پسند ادب جو شعور پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار آھي. پر پروگريسو ماڻهن سماجي سائنس تي ڌيان نھ ڏنو، اها انهن جي ڪمزوري آھي. ھتي هڪ وڏي ذهني ۽ فڪري انقلاب جي ضرورت آهي، سوچڻ جو انداز بدلجڻ انتهائي ضروري آهي، سائنسي بنيادن تي سوچينداسين تڏھن ئي انتهاپسندي، قدامت پرستي ۽ اڻبرابري جو خاتمو اچي سگهي ٿو. ھن جو چوڻ ھو تھ ٽيڪنالوجي ھوندي سائنسي رويا نھ پھتا آھن.جنھن ڪري بگاڙ پيدا ٿيو آهي، سائنسي سوچ معاشري جي سڌاري ڏانهن پهريون قدم هوندي آھي.

  ناظر محمود  جو چوڻ ھو تھ ميڊيا جو منفي ڪردار رهيو آهي، اردو ميڊيا اڻسھپ کي هٿي ڏني، پاڪستان جي شروعاتي ڏينھن ۾ پرنٽ ميڊيا ۾ اردوحاوي ھئي. ھڪ گروپ جي خاص ذھنيت ھئي ۽ ان کانپوءِ آيل ميڊيا جو بھ ساڳيو حال ھو.

 سماج  ۾ رواداري معاشري جي سمورن ماڻھن کي گڏ کڻي ھلڻ سان ايندي.روادار معاشري ۾ ھر رنگ نسل، ٻولي ۽ مذھب جي ماڻھن کي ھڪ جيترا حق مليل ھوندا آھن، ھاڻ رياست کي فيصلو ڪرڻو آھي ته روادار ۽ برداشت واري رياست بڻجي سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ چاھي ٿي يا ساڳئي  تسلسل کي جاري رکڻ چاھي ٿي.

ھن چيو تھ جنهن نظريي تي پاڪستان ٺهيو هو اھو اھميت وڃائي چڪو هو. هن چيو تھ پروگريسي سوچ کي ھٿ سان چٿيو ويو.اھڙي سوچ ۽ فڪر جي ماڻھن کي جيل ۾ وڌو ويو.

 ان جي ابتڙ رياست عدم رواداري ۽ اڻسھپ کي هٿي ڏني.

 ڊاڪٽر رياض شيخ  موجب جنھن رياست جو بنياد اڻسھپ ۽ عدم رواداري تي وڌو ويو ھجي اتي رواداري اچڻ مشڪل آھي.

 47ع ۾ عدم رواداري ۽ اڻسھپ جي بنياد تي برصغير جي ورھاست ٿي. جناح  اڻسھپ جي خاتمي بابت  جيڪا تقرير ڪئي ھئي،اھا نصاب ۾ شامل نٿي ڪئي وڃي.40 سالن کان رياست جيڪو ڪجھھ ڪيو سو ڪيو، پر گذريل ڪجھھ سالن کان ھڪ نصاب جي نالي تي ٻارن جو ذھن تبديل ڪرڻ جي لاءِ تماشو رچايو ويو آھي. ھن چيو تھ  مذھبي بنيادن تي وڇوٽيون تھ ھيون پر بعد ۾ِ فرقي جي بنياد تي وڌيڪ وڇوٽيون پيدا ڪيون ويون.مٿي ذڪر ڪيل ويچار ملڪ جي مفڪرن، اديبن ۽ دانشورن جا آھن،جن تي وقت جي حڪومت کي ويچار ڪندي ھاڻي ملڪ ۾ پختي ٿي ويل اڻسھپ ۽ عدم رواداري کي ختم ڪرڻ ۽ عام ماڻھو کي ڀائيچاري سان رھڻ جي لاءِ ھاڪاري ۽مثبت رويا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي.

جيڪو ڪجهھ ٿي ويو ان کي وساري ڪري پڻ ملڪ کي اڳتي ترقي ڏياري سگھجي ٿي،جنھن جي لاءِ سماج مان اڻسھپ وارن روين جي پاڙ پٽڻي پوندي.

ملڪ جي وس وارن ھاڻي بھ جيڪڏھن دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلن کان سبق نھ پرايو ۽ تاريخ کان ڪجهھ نھ سکيو تھ ملڪ کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙي نقصان کان بچائڻ ممڪن نھ ھوندو.

گذريل چئن ڏھاڪن کان جاري روين جي ڪري سموري سماج  ۾ وڏو بگاڙ پئدا ٿي ويو آھي.جنھن ۾ رھندڙ ماڻھن جا رويا ان جو عڪس آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.